ٺٽو -گهوڙاٻاري تعلقي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاج

تعلقي گهوڙاٻاري جي کانٽي واھ ۾ گذريل ٻن سالن کان پوچڙ ۾ پاڻي نه هجڻ خلاف کانٽي واھ جي پوچڙ جي آبادگارن رئيس حق نواز رند گل نواز رند حبيب رند ايوب رند جي اڳواڻي ۾ پوچڙن جي سوين آبادگارن سميت معصوم ٻارڙن جو کانٽي واھ کان پريس ڪلب ڪيٽي بندر ڳاڙھو تائين پيادل شارٽ مارچ ڪري پريس ڪلب اڳيان ھڪ ڪلاڪ تائين سخت گرمي ۾ ڌرڻو هڻي انجنيئر ايريگيشن ميرپورساڪرو ۽ايس ڊي او غلام الله خلاف سخت نعريبازي ڪئي. انهي موقعي تي آبادگارن ڳالهائيندي چيو ته نا اهل انجينئر ايريگيشن ميرپور ساڪرو ايس ڊي او غلام الله پڪي شاخن جي آڙ ۾ کانٽي واھ کي هٿرادو مٿي ڪري پاڻي جي کوٽ پيدا ڪئي آھي. اسانکي معاشي طور تباھ ڪري ڇڏيو آھي. هزارين ايڪڙ زمين غير آباد ٿي چڪي آھي هاڻي ته پيئڻ جو پاڻي به نٿو ملي. هنن چيو ته کانٽي واھ جي پوچڙ ۾ فوري طور پاڻي پهچايو وڃي ۽ نا اهل ايريگيشن انجنيئر مرپور ساڪرو کي هٽايو وڃي ٻئي صورت ۾ هتان کان پريس ڪلب ڪراچي تائين پيادل لانگ مارچ ڪري ڌرڻو هڻنداسين.

وڌيڪ پڙھو

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل معصوم جنيد بکراڻي بازياب

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل معصوم جنيد بکراڻي بازياب

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل معصوم جنيد بکراڻي کي ايس ايس پي …