ٺٽو-ڀاڏائي ۽ ڀٽي خوني تڪرار جو نيبرو- مجموعي طور ھڪ ڪروڙ اٺ لک پنجاھ ھزار جو ڏنڊ مقرر

ٺٽي ۾ ھلندڙ ڀٽي ۽ سيد ڀاڏائي خوني تڪرار جو نبيرو، مجموعي طور ھڪ ڪروڙ 8 لک 50 ھزار ڏنڊ مقرر، ڌريون کير کنڊ. تفصيلي رپورٽ موجب سنڌ جي لاڙ پٽي واري ضلعي ۾ ڀٽي ڀاڏائي سيد برادري جي خوني جھيڙي جو نيبرو ٿي ويو آھي، جنھن موجب ٻنھي ڌرين تي مجموعي طور تي ھڪ ڪروڙ 6 لک 50 ھزار ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آھي. ان سلسلي ۾ سردار مير منظور پنھور جي سرپئنچي ۾ ٿيل فيصلي موجب جھيڙي دوران ڀٽي برادري جا 4 ماڻھو قتلن جو ڏنڊ 60 لک رپيا مقرر ڪيو ويو آھي. جڏھن تہ ھڪ زخمي 5 لک، 2 زخمي 3 لک، ھڪ زخمي 2 لک ۽ ھڪ زخمي جو 50 ھزار رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. ڀٽي برادري جو ٽوٽل نقصان جو تخمينو 70 لک 50 ھزار مقرر ڪيو ويو. جڏھن تہ سيد ڀاڏائي برادري جي 2 قتلن جو 30 لک، ھڪ زخمي 5 لک ۽ ھڪ زخمي جو ھڪ لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. سيد ڀاڏائي برادري جو جھيڙي ۾ نقصان جو تخمينو 36 لک رپيا مقرر ڪيو ويو.

فيصلي جو سرپئنچ سردار منظور احمد پنھور، جسم چيئرمين رياض علي چانڊيو ۽ اڳوڻو صوبائي وزير سيد اعجاز شاھ شيرازي ھئا.

=ڀٽي برادري جا مشير پ پ ضلعي صدر اڳوڻو صوبائي وزير صادق علي ميمڻ، پ پ ضلعي ٺٽي جو سينيئر نائب صدر عبدالحميد پنھور، پير غلام رحماني جيلاني، ڊاڪٽر امين ڀٽي ۽ مٺا خان لاشاري کي مقرر ڪيو ويو. جڏھن تہ ڀاڏائي سيدن جا مشير سردار حاڪم خان نوحاڻي، ايم پي اي ڄام اويس گھرام، رئيس غلام نبي مري، وڏيرو رسول بخش جاکرو ۽ سردار مير محمد اوٺو کي مقرر ڪيو ويو.

ٻہ سال اڳ سيد ڀاڏائي ڀٽي برادري جي معمولي ڳالھ تان ٿيل جھيڙي ۾ ٻنھي ڌرين جا 6 ماڻھو قتل ۽ 7 ماڻھو زخمي ٿيا ھئا. سيد ڀاڏائي برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھ تان تڪرار پيدا ٿيو، جيڪو 6 زندگيون ڳڙڪائي ويو، جنھن ۾ سيد برادري جا 2 ڄڻا مارجي ويا تہ سندن پلاند ۾ ڪورٽ ۾ ڪيس جي شنوائي تان واپس موٽندڙ ڀٽي برادري جا 4 ماڻھو قتل ڪيا ويا. جڏھن تہ ڀٽي برادري جا 6 ۽ سيد برادري جو ھڪ ماڻھو جھيڙي ۾ زخمي ٿيو. = فيصلي ۾ پ پ ايم پي سيد رياض شاھ شيرازي، جيئي سنڌ لبرل فرنٽ چيئرمين نواز خان زئور، جسقم آريسر جو وائيس چيئرمين آزاد امير حسن پنھور، صوفي علي دوست مسڻ، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جيئي سنڌ تحريڪ جو اڳواڻ حاجي انور ڪرناڻي، مولا بخش پيروزاڻي، فقير ڪمال، خداڏنو شاھ، مھر الدين مري، پ پ تعلقي صدر عبدالحميد سومرو، نادر شاھ اميرخاني، حمير خان سرڪي، حاجي امير بڪيرو، يوسف لاشاري سميت سنڌ جي مختلف برادرين جي چڱن مڙسن، سياسي سماجي اڳواڻن، صحافين ۽ شھرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي

وڌيڪ پڙھو

شھداد ڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جو بدامني جي خلاف احتجاجي مظاھرو

شھداد ڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جو بدامني جي خلاف احتجاجي مظاھرو

شھدادڪوٽ:شھر ۾ وڌندڙ بدامني، موٽر سائيڪلن جي چوري، گھرن مان ڦرن ۽ ڌاڙن خلاف سنڌ …