ٺٽو ٻاٻڙا واقعو جو آخر پسمنظر ڇا آهي؟

ٺٽو ٻاٻڙا واقعو جو آخر پسمنظر ڇا آهي؟

سِنڌ پرڳڻي جو پُر امن لاڙ وارو ضِلعو ٺٽو ھن وقت ڌارين آبادڪاريءَ لاءِ سُوني جِھرڪي بڻيل آھي، جِتي وَسيلن جي وَڏي پَئماني تي وَالار ٿي رھي آھي. سَاحلي پٽي، ڪُوھستان سميت ڊِيلٽائي علائقا لِينڊ گريبنگ جي آزار کي مُنھن ڏيئي رھيا آھن، گَھگھر کان ڄنگھڙيءَ تائين ڌارين جي لُوڌ لٿل آھي، جنھن بعد ھاڻ امن جو پَکي بہ رُسي ويو آھي، اڄ صُبح کان وٺي مُختلف خبرون گردش ۾ ھيون تہ ”ڏُوھارين ۽ پُوليس ۾ مقابلو ٿيو صُوبيدار سميت 2 اھلڪار شَھيد ٿي ويا“، وري خبرون ھليون تہ ”زمين جو قبضو ڇڏرائڻ تان مقابلو ٿيو“، اسان سميت ميڊيا سان لاڳاپيل سڀ حلقا وٺ وٺان ۾ لڳي وياسين واقعي ئي وڏو افسوسناڪ سَانحو پِيش آيو جنھن جي جيتري بہ مذمت ڪجي اُھا گھٽ آھي، ٻہ جَوان شھيد ٿي ويا، سُوشل ميڊيا تي جِتي واقعي جي مَذمت ۽ ڏُک جو اِظھار ڪيو ويو اتي ئي واقعي تي ڪيترائي سوال پڻ اُٿاريا ويا آھن، ماڻھو ڄاڻڻ چاھين ٿا تہ ان جا اصل ڪارڻ ڪھڙا ھئا؟ پوليس کي آخر فجر مھل جانچ ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي ؟ ان سڄي صُورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ پيرائتين خبرن جو ھُجڻ ضروري آھي تہ اصل ڪھاڻي ڇا آھي ؟ مختلف حَلقن ۽ ڪجھ ذريعن کان مَعلوم ٿيو آھي تہ ٻاٻڙا روڊ تي جيڪا تڪراري زمين آھي اھا خانيوال سان تعلق رکندڙ کاتيدار چُوڌري محمد براھيم جي آھي جيڪا ٽوٽل 2 سئو ايڪڙ جي لڳ ڀڳ آھي، چون ٿا تہ اھا زمين نظير بروھي 10 سالن لاءِ مقاطي تي ورتي ھئي. جنھن جو 2 سال مقاطو نظير ڏنو، جنھن بعد ان زمين جا ڪُوڙا ڪاغذ ٺھرائي اصل مالڪ کي چيو تہ تُنھنجو زمين سان ڪو بہ تَعلق وَاسطو ناھي اڄ کان پُوءِ زمين تي نہ اچجو. جنھن بعد زمين جي اصل مالڪ مجبور ٿي زمين مختلف وقتن تي مختلف ماڻھن سان وڪرو ڪئي. جنھن جو پھرين ٺٽي جي مقامي آبادگار الھبخش بڪيري سان 116 ايڪڙن جو وڪرو في ايڪڙ اڍائي لک ۾ ڪيو ويو، 7 لک رپين جو ٽوڪن ڌڻي کي مليو، جيڪو سر زمين ڏسڻ پھتو جتي کيس خبر پئي تہ زمين جو قبضو نظير بروھي وٽ آھي. جنھن بعد راڄوڻي طور دانھون ڏنيون ۽ کيس خبر پئي تہ زمين جو وڪرو نظير بروھيءَ انور بلوچ ريسٽورينٽ جي مالڪ ڊاڪٽر يعقوب بلوچ سان ڪري ڇڏيو آھي، جنھن بعد کيس مشورو ڏنو ويو تہ زمين تڪراري آھي توھان جيڪا ست لک رقم ڏني آھي اھا واپس ان ڌڻي کان وڃي وٺو جنھن کي ڏِنا اٿوَ رقم وٺي اھو ھَمراھ تہ ويو ھٿ کڻي. وري زمين جي مالڪ زمين جو وڪرو ڊاڪٽر نعيم پليجو ۽ سلطان پليجو سان ڪيو. جنھن بعد نظير بروھي ۽ نعيم پليجي جو پاڻ ۾ زمين جي مالڪي تي تڪرار ھلندو رھيو. معاملو عدالت تائين وڃي پھتو، 17 ڊسمبر 2019ع نظير بروھي تي نعيم پليجي وارن ڪيس داخل ڪرايو. 23 آگسٽ 2021ع تي ڊاڪٽر نعيم ۽ سلطان وارن خلاف گھاري ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيو، عدالت جي حڪم تي ڪمشنر سر زمين ڏسي ويو جنھن کي عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻي ھئي.
ذريعن کان اھو بہ معلوم ٿيو آھي تہ ان واقعي جي باقائدہ رات جو گھاري جي ھڪ ھوٽل ۾ رٿابندي ڪئي ويئي جنھن ۾ قانون لاڳو ڪندڙ آفيسرن سان ھڪ ڌر جا مُک ماڻھو بہ موجود ھئا، ھتي اھم سوال اھو ٿو پيدا ٿئي (جيڪو مون ايس ايس پي صاحب کان پوليس لائين ۾ بہ ڪيو) تہ جڏھن تہ معاملو زمين جي تڪرار جو ھو، عدالت ۾ ڪيس بہ ھلندڙ آھي ۽ ڪمشنر بہ سر زمين ڏسي ويو آھي تہ پوءِ فَجر مھل ڇو پوليس اتي مُوڪلي وئي جنھن ۾ 2 اھلڪار شھيد ٿي ويا؟ بھرحال ضلعي ڪمانڊنگ آفيسر سوال کان لنوائي ويو ۽ ڪو مطئمن ڪندڙ جواب نہ ڏئي سگھيو. پر اھو سمورو واقعو ھڪ معمو ئي بڻيل آھي. صبح سوير پوليس جو پھچڻ ۽ اوچتو ھٿيابندن جي فائرنگ ٿيڻ جنھن ۾ ھَٿيار بند کي بنا ڪنھن رھنڊ جي ٻن اھلڪارن جي شھيد ٿيڻ ۽ ٻن جي زخمي ٿيڻ بعد روائتي واھ واھ ۽ ھارن تي ھِريل پوليس کي جڏھن سڄي ڳالھ ڳِچي ۾ پوندي نظر اچي ٿي تہ فلمي سين جيان فوري طور تي ٻيو مقابلو ڏيکاري بنا ڪنھن ھاڃي جي ھڪ ھٿياربند مارڻ جي دعوىٰ يقينن دال ۾ ڪاراڻ ھجڻ جو ئي اشارو ڏيئي ٿي، ساڳئي ڏينھن ھڪ ڌُر پاران سڄي معاملي کي سياسي رنگ ڏيڻ، ٻي ڌر جي ماٺ ۽ پوليس پاران مُقابلن جون دَعوائون ضِلعي جي اَمن لاءِ رِيڊ اَلرٽ نظر اچي رھيون آھن.
ھي ڪا اڄ جي ڳالھ ناھي گُذريل ڪِيترن ئي سالن کان اِئين ٿِيندو اچي، شَھيد راڻي بينظير ڀٽو جي شَھادت بعد وَڳوڙن جي ور چڙھيل رِڪارڊ ڪيترن مسڪينن کان مِلڪيتون کسي لِينڊ گريبرن کي مُوقعا ميسر ڪري ڇڏيا آھن، چند ٽڪن عيوض ڪينسر بڻيل روينيو کاتو ۽ ونگاري بڻيل پوليس جي پُٺڀرائي ماڻھن جي پيرن ھيٺيان زَمين کِسڪائي رھي آھي، ھي ھڪ ڳَڻتي جُوڳي صُورتحال آھي جيڪا اسان جي ھن پُر اَمن خِطي کي فَلسطين بنائي سگھي ٿي. ھڪ عجيب راند رچي ويئي آھي جنھن ۾ انصاف ڏياريندڙ ادارن کي مَھرو بڻايو وڃي ٿو ڌاٻيجي کان وٺي قومي شاھراھ جي ٻنھي پاسن تي زمين جي والار ڪئي ويئي آھي جنھن ۾ روينيو کاتو بہ ملوث آھي. ھڪ زمين جا 3، 3 مالڪ بڻايا ٿا وڃن جن مان 2 ڌريون وري عدالت وينديون آھن. ڌاٻيجي ۽ گھاري ۾ اھو ڪم ڪيترن ئي سالن کان ھلندڙ آھي، قبضو ڇڏرائڻ لاءِ پوليس کي پئس عيوض استعمال ڪيو ويندو آھي ۽ ھاڻ ھن گُورک ڌنڌي ۾ ماڻھو مَار مُھم شروع ڪئي آھي جنھن ۾ ڀڀ رُڳي پِيٽ وڏن جا ڀَرجن ٿا پر مِسڪين اَھلڪارن ۽ پُورھيتن کي بي موت ماريو پيو وڃي. ھن وقت ضرورت ان ڳالھ جي آھي تہ حب علي ۾ ثنا خُواني ۽ بُغض ۾ اِختلاف رکڻ بجائي حقيقتن جو ڳوڙھو مُشاھدو ڪجي ۽ ان خُونخوار راند جي رَستا رُوڪ ڪجي. ڪٿي ايئن نہ ٿئي جو بارود جي اِھا بوءَ اسان جي نَڪ جي نَاسن تائين پھچي وڃي.

وڌيڪ پڙھو

پهاڙون ڪي بيٽي

پهاڙون ڪي بيٽي

هن کي بلوچستان جي پهاڙن، جابلو رستن، کجي جي وڻن، ڳوٺن ۽ بلوچستان جي انهن …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *