ٺٽو-نورخان ھنڱورو جي والد جي سماجي ڪارڪنن سان گڏ پريس ڪانفرنس-انصاف نہ مليو تہ ايس پي جي معطلي تائين ڌرڻو ھنيو ويندو

ڪجھ ڏينھن اڳ ڦورن ھٿان ڌاٻيچي ۾ قتل ٿي ويل ٺٽي جي نوجوان نورخان ھنڱورو جي والد حاجي الھڏنو ھنڱورو سماجي اڳواڻن، امين بروھي، اياز لاشاري ۽ موسا چانڊيو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تہ ٺٽو پوليس مھينو گذرڻ بعد بہ نورخان جا قاتل گرفتار ڪري نہ سگھي آھي ۽ ھر دفعي ڪوڙا ڏٽا ڏيئي اسان کي پريشان ڪيو پيو وڃي، ھنن چيو تہ ٺٽي ۾ ھڪ مھيني ۾ اندر درجن کان مٿي قتل ٿي چڪا آھن، پر پوليس جي ڪارڪردگي ناقص آھي، ھنن چيو تہ ٺٽي جا چونڊيل نمائندہ بہ خاموش آھن، آخر عوام ڪيڏانھن وڃي، ھنن چيو تہ نورخان جا قاتل شام تائين ڌاٻيچي ۾ ھئا پر پوليس مجرمانہ غفلت ڪندي کين گرفتار ڪرڻ بدران کين ڀڄڻ جو موقعو فراھم ڪيو ھنن چيو تہ جيڪڏھن ھفتي اندر نورخان جا قاتل گرفتار نہ ٿيا تہ ھاڻ وڏو احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويندو جيڪو ايس ايس پي معطلي تائين جاري رھندو

وڌيڪ پڙھو

شھداد ڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جو بدامني جي خلاف احتجاجي مظاھرو

شھداد ڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جو بدامني جي خلاف احتجاجي مظاھرو

شھدادڪوٽ:شھر ۾ وڌندڙ بدامني، موٽر سائيڪلن جي چوري، گھرن مان ڦرن ۽ ڌاڙن خلاف سنڌ …