ٺٽو-نورخان ھنڱورو جا قاتل گرفتار نہ ٿيڻ خلاف ايس ٽي پي جي مڪلي تي احتجاجي ڪئمپ قائم

ايس ايس پي ٺٽو جي آفيس جي اڳيان احتجاجي ڪئمپ لڳائي وئي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪن نور خان ھنڱورو جا قاتل گرفتار نہ ٿيڻ خلاف مڪلي ايس ايس پي آفيس جي اڳيان سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي . احتجاجي ڪئمپ تي وڏي تعداد ۾ پارٽي ڪارڪنن ، سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي . ان موقعي تي خطاب ڪندي ضلع صدر سيد جلال شاھ چيو تہ نور خان جو قتل ھن انتظاميہ جي منھن تي زوردار چماٽ آھي چار ڏينھن گذرڻ باوجود شھيد جا قاتل اڃان تائين گرفتار نہ ٿي سگھيا آھن. پوليس عوام جي جان مال جي تحفظ جي بدران مقامي وڏيرن جي ڪمدار بڻيل آھي انھن جي اوطاقن تي جي حضوري ۾ پوري آھي ھن چيو تہ اسان جي ھي پرامن جدوجهد ان وقت تائين جاري رھندي جيستائين شھيد نورخان جي رت سان انصاف نٿو ٿئي ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻن ناٿو بروھي جميل سمون، راجو قريشي ،بشير جوکيو سميت ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو

وڌيڪ پڙھو

Kiwi Basecamp, Christchurch

Of course, the wahoo factor is determined by the paper you employ. On my Col-o-dex …