جھمپير نوجوان قتل اڃان تائين منجهيل- ڦرڪرڻ وارن سان نوجوان مزاحمت جو چوٻول-نوجوان کان ڦر ناھي ٿي -پوليس

عيد واري ڏينھن جھمپير جي مکي لڇمڻ داس جو نوجوان پٽ کارو کھو مان موٽر سائيڪل تي اچي رھيو ھو تہ جھرڪ پوليس جي حد ۾ ٻڙي مڪان وٽ نامعلوم ھٿياربندن گوليون ھڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو .مقامي ڳوٺاڻن جي اطلاع تي قتل ٿي ويندڙ نوجوان جا وارث پھتا جيڪي لاش کڻائي جهرڪ رورل ھيلٿ سينٽر پھتا جتي پورسٽ مارٽم جو سھولتون نہ ھجن سبب ايمبولينس جي بدران پوليس موبائيل ۾ لاش کڻي مڪلي سول اسپتال مان پورسٽ مارٽم ڪرايو ويو. نوجوان جي قتل جو ٻڌي جھمپير جا ڪيترائي نوجوان ۽ وارث مڪلي پھچي ويا جتي نوجوان جي قتل خلاف احتجاج ڪندي مڪلي روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ ھو تہ گذريل تہ ٺٽو پوليس امن امان برقرار رکڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آھي-پوليس جي نا اھلي سبب ڏوھن ۾ واڌ ٿي وئي آھي. ٻي طرف جھرڪ پوليس جو چوڻ آھي تہ نوجوان کان ڦڙ ناھي ٿي وڌيڪ اسان جانچ ڪري رھيا آھيون ،وارثن جو چوڻ آھي تہ اسان جي ڪنھن سان بہ ڪا ذاتي دشمني ناھي اسان جو بيگناھ نوجوان ماريو ويو آھي،اسان سان انصاف ڪيو وڃي

جھمپير ۾ اڄ شٽربند ھڙتال ڪئي وئي آھي. نوجوان جون آخري رسمون ڪينجھر وٽ ادا ڪيون پيون وڃن

وڌيڪ پڙھو

سنڌ جي بجيٽ پيش، پگهار ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ

سنڌ جي بجيٽ پيش، پگهار ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي 1714 ارب …