ٺٽو ايس ٽي پي جي جدوجھد رنگ لاٿو-نورخان ھنڱورو جا قاتل گرفتار

داٻيجي مارڪيٽ ۾ 21 مئي تي ڦر دوران مزاحمت ڪندي ڦورن ھٿان قتل ٿي ويل نوجوان نورخان ھنڱورو جي قتل ۾ ملوث جوابدار تاج محمد لورو بروھي ۽ سھولتڪار اقبال پٺاڻ کي ايس ايس پي ٺٽو جي سربراھي ۾ جوڙيل خصوصي ٽيم ۾ شامل پوليس اھلڪارن نزال احمد شر، طارق سولنگي ۽ شاھجھان سولنگي گرفتار ڪري ورتو آھي. جڏھن تہ ڪيس ۾ ملوث جوابدار عبداللہ چارڻ فرار ٿي ويو آھي. ايس ايس پي ٺٽو شبير احمد سيٺار سندس آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ نورخان ھنڱورو جي قتل وارو واقعو ڏکوئيندڙ آھي جنھن تي دلي صدمو پھتو، ھن ڪيس ۾ رات ڏينھن محنت ڪري حقيقي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو ۽ باقي ڪيس جو ھڪڙو جوابدار فرار ٿي ويو آھي جنھن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا ھنيا پيا وڃن. ڏوھ ۾ استعمال ٿيل موٽر سائيڪل، نائين ايم ايم پستول ۽ ڦر ڪيل رقم مان 4 لک 90 ھزار رپيہ بر آمد ڪري ورتا آھن. ڪيس ۾ ملوث جوابدار تاج محمد لورو بروھي ڏوھ جو پڻ اعتراف ڪري ورتو آھي. نورخان قتل ڪيس جي جانچ ڪندڙ ٽيم ۾ انسپيڪٽر رحيم کوسو، سب انسپيڪٽر فيصل شفيع ميمڻ، سب انسپيڪٽر نوتڪ بلوچ، سب انسپيڪٽر طارق کيڙو، سب انسپيڪٽر ممتاز بروھي، نزال احمد شر، طارق سولنگي، شاھنواز سولنگي، اي ايس آءِ نجم بلو، فخر انڙ، ارشاد کڏائي ۽ ٻين جي اڻ ٿڪ محنت رنگ لاتو جن ڏينھن رات ڏينھن محنت ڪري نورخان جا حقيقي قاتل گرفتار ڪيا. ايس ايس پي ٺٽو پوليس اھلڪارن نزال احمد شر، طارق سولنگي ۽ شاھنواز سولنگي کي ٻہ لک رپيہ روڪ رقم ۽ ٿري سي سي جا سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو جڏھن تہ ٻي ٽيم لاءِ ھڪ لک رپين جو اعلان ڪيو. ايس ايس پي ٺٽو شبير احمد سيٺار ۽ سندس پوري ٽيم جي محنت تي پاڻي نہ ڦيرڻ گھرجي پر انھن جي حوصلا افزائي ٿيڻ گھرجي جن حقيقي قاتل ظاھر ڪيا. ان موقعي تي ميونسپل ڪميٽي ٺٽو جي وائيس چيئرمين مجتبيٰ خشڪ، يوٿ اڳواڻ نور حسين سرڪي، سپاف اڳواڻ رضا خشڪ، غلام رسول ھنڱورو، پ پ اڳواڻ ڀورو سرڪي، رياض کڏائي، باسط جوکيو، ٺٽي جي واپارين، مقتول نورخان جي وارثن ۽ ٻين ايس ايس پي ٺٽو ۽ سندس ٽيم کي لنگيون ۽ اجرڪون پڻ اوڍايون.

وڌيڪ پڙھو

ڌارين آبادڪاري نيڪالي جي لاءِ اعلانيل سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين -ڊاڪٽرقادر مگسي

ڌارين آبادڪاري نيڪالي جي لاءِ اعلانيل سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين -ڊاڪٽرقادر مگسي

حيدرآباد (پريس رليز) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر …