ٺٽو. آپا انيتا غلام علي جي پنجين ورسي ايس ئي ايف جي تعاون سان هلندڙ اسڪولن ملهائي وئي

گهارو
سنڌ ۾ تعليم جي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اڳوڻي مئينجنگ ڊائريڪٽر تعليمدان ستاره امتياز آپا انيتا غلام علي جي پنجين ورسي جي موقعي تي انڊس برائيٽ فيوچر اسڪول گهارو ۽ حسن جت ۾ تقريب ٿي گذري
تقريب کي ايس ئي ايف جي ضلعي آفيسر نويد احمد ٻگهيو سيد راشد علي شاه اسڪول آپريٽر امتياز سمون سميت اسڪول پرنسپال استادن تقريرن وسيلي ڀيٽا ڏني. ان موقعي ٻارن مختلف ٽيبلو پڻ پيش ڪري ميڊم انيتا غلام علي کي خراج تحسين پيش ڪيو
تقريب کان اڳ ۾ قران خواني ۽ دعا جو پڻ اهتمام ڪيو ويو

وڌيڪ پڙھو

شھداد ڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جو بدامني جي خلاف احتجاجي مظاھرو

شھداد ڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جو بدامني جي خلاف احتجاجي مظاھرو

شھدادڪوٽ:شھر ۾ وڌندڙ بدامني، موٽر سائيڪلن جي چوري، گھرن مان ڦرن ۽ ڌاڙن خلاف سنڌ …