ٺٽو:شھيد نورخان ھنڱورو جي قاتلن جي گرفتاري جي لاءِ نيشنل ھاءِ وي تي چار ڪلاڪ ڌرڻو-ايس ايڇ او داٻيجي معطل

ٺٽو
شھيد نور خان ھنڱورو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ايس ٽي پي اڳواڻ جلال شاھ ناٿو بروهي شھيد جي والد الھڏنو ھنڱورو ۽ معصوم پٽ جي اڳواڻي ۾ مڪلي بائي پاس وٽ نيشنل ھاءِ وي تي ڌرڻو ھنيو ويو مسلسل چار ڪلاڪ ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل رھي ٻنھي پاسن کان ھزارين گاڏيون بيھي ويون.ايس ايس پي ٺٽو پاران وقفي وقفي سان موڪليل وفدن ڳالھيون ڪندا رھيا. آخر چئن ڪلاڪن کان پوءِ ايس ايس پي ٺٽو فون وسيلي اڳواڻن سان رابطو ڪري ايس ايڇ او داٻيچي کي معطل ڪري لائين حاضر ڪيو ۽ شھيد جي قاتلن جي گرفتاري جي لاءِ جيڪا اڳڀرائي ٿي آھي ان بابت اگاھي ڏيڻ ڏيڻ جي لاءِ رات 9 بجي ايس ٽي پي اڳواڻن ۽ شھيد جي والد سان گڏيل گڏجاڻي ڪرڻ جي يقين دھاني ڪرائڻ کان پوءِ احتجاج ختم ڪيو ويو. ڌرڻي دوران شھيد جو والد بيھوش ٿي ويو جنھن کي پاڻي ھڻي ھوش ۾ آندو ويو

وڌيڪ پڙھو

Custom ‎informative Essay Writing Service

That function is expressly reserved for persuasive essays. Now you can wrap up all your …