ٺل ۾ صدام لاشاري جي قتل خلاف ڇهين ڏينهن به احتجاج

ٺل ۾ صدام لاشاري جي قتل خلاف ڇهين ڏينهن به احتجاج

ٺل (پريس رليز) شھيد صدام حسين لاشاري جي قتل خلاف ڇھين ڏينهن بـ سياسي, سماجي, مذھبي, قومپرست تنظيمن, اديبن شاعرن, سول سوسائيٽي, شھيد صدام لاشاري جدوجھد تحريڪ ٺل,پاران ميونسپل ڪاميٽي کان ريلي ڪڍي رھبر چؤڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو,خبر موجب ڇھ ڏينهن اڳ ماوراء عدالت قتل ڪيل شھيد صدام لاشاري جي ناحق خون سان انصاف ڪرڻ لاء ٺل سراپا احتجاج بڻيل,اڳواڻن ميونسپل ڪاميٽي کان ريلي ڪڍي رھبر چؤڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو,مظاھري کي خطاب ڪندي,سردار غلام مصطفا خان لاشاري, ڪامريڊ روشن ڪنراڻي, جاويد ساغر, جمال جوش ٻرڙو, ڪامريڊ لطف الله لاشاري, ابراھيم ڪنراڻي, سرواڻ لاشاري, مفتي نظام الدين بنگلاڻي, استاد محبوب نوناري, سھيل دايو, ڊاڪٽر شنڪر لال, ڪامريڊ بشير بنگلاڻي, منصور ڪنراڻي, زوار شاھنواز منگي, بشير سرڪي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تـ شھيد صدام لاشاري جي خون ۾ ملوث اھلڪارن کي ڏوھ جي قانوني سزا تائين احتجاج جاري رھندو,اڳواڻن سول سوسائٽي جا ٿورا مڃيا ۽ انھن کي اپيل ڪئي تـ سوشل ميڊيا تي وڌ کان وڌ آواز اٿاريو وڃي,ھنن وڌيڪ چيو تـ اڄ شھيد صدام جي ٻن سالن جي پٽ زين العابدين ۽ چاچي مغل لاشاري جون سوشل ميڊيا تي دانھن ڪوڪن جون وائرل وڊيوز ھر ذي شعور درد مند انسان جو اندر زخمي ڪري رھيون آھن,احتجاجي مظاھري ۾ سينيئر شاعر رزاق بروھي شھيد صدام لاشاري کي ڀيٽا طور مزاحمتي نظم پڙھي ماحول کي سوڳوار بڻائي ڇڏيو,احتجاجي مظاھري ۾ سڀاڻي جي ڊبليو سي پاران صبح جو نَوَین احتجاجي ڌرڻي ۾ شرڪت لاء اعلان پڻ ڪيو ويو.

ھي بہ پڙھو

ڏوڪري ۾ طلاق وٺڻ لاءِ عدالت پهتل عورت قتل.

ڏوڪري ۾ طلاق وٺڻ لاءِ عدالت پهتل عورت قتل.

ڏوڪري : مڙس کان خلع وٺڻ لاء ڏوڪري ڪورٽ آيل نوجوان عورت تهمينه جوابدارن هٿان …