يارنھين آڪٽوبر تي سنڌ جا وڪيل بہ ساٿ ڏين -ڊاڪٽرقادر مگسي جو حيدرآباد بارڪائونسل کي خطاب

يارنھين آڪٽوبر تي سنڌ جا وڪيل بہ ساٿ ڏين -ڊاڪٽرقادر مگسي جو حيدرآباد بارڪائونسل کي خطاب

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ھاءِ ڪورٽ بار حيدرآباد کي خطاب ڪندي چيو آھي تھ خطي ۾ وڪيل برادري جو سياسي معاشرتي طور تمام اھم ڪردار رھيو آھي. برصغير ۾ انگريزن جي غلامي خلاف جدوجھد ڪري متحدھ ھندستان کي آزادي ڏيارڻ ۾ مھاتما گانڌي ۽ نھرو ٻئي وڪيل ھئا. پاڪستان جو خالق محمد علي جناح ھڪ وڪيل ھو. موجودھ پاڪستان کي آئين ڏيندڙ ذوالفقار علي ڀٽو بھ ھڪ وڪيل ھو. ان ڪري وڪيلن جي سياسي ۽ سماجي، آئيني ڪردار کان انڪار نھ ٿو ڪري سگھجي. موجودھ وڪيلن جھڙي طرح مشرف جي آمريت کي للڪاريو ۽ ڪمزور ڪيو اھو بھ ساراھ جوڳو آھي. ملڪ ۾ غيرآئيني ۽ غيرقانوني طرح آرڊيننس جو سھارو وٺي ملڪ تي آمريت مڙھڻ جي تياري ٿي رھي آھي. صدر طرفان موجودھ آرڊيننس پاڪستان آئلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي Pakistan Island Development Authority وجود ۾ آندي وئي آھي. جنھن سان بلوچستان ۽ سنڌ جي ٻيٽن کي وفاقي اٿارٽي ھيٺ ڏنا ويا آھن. جيڪو اسين سنڌ ۽ بلوچستان جي قومي وحدتن تي حملو تصور ڪريون ٿا. ڪراچي ۾ پ پ پ ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي ۽ مارشلائي حڪومتن جي ناڪامي جي سزا سنڌ کي ڇو پئي ڏني وڃي تھ سنڌ جي جاگرافيائي علائقن کي وفاقي علائقا قرار ڏيئي قومي وحدتن جي وجود سان ھٿ چراند ڪئي وڃي. ان لاءِ اسين ھن آرڊيننس کي رد ڪريون ٿا ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا تھ نادر شاھي فرمان جاري ڪرڻ بند ڪيا وڃن. آئين سان ھٿ چراند ختم ڪئي وڃي. صدر کي آئين جي تحفظ ڪرڻ جي ذميواري آھي بحيثيت رياستي سربراھ جي سياسي معاملن ۾ الجھڻ ۽ جزيرن تي سيڙپڪاري لاءِ مختلف ڪاروباري ماڻھن سان ملاقاتون آئين ڀڃڪڙي آھي. پ پ پ طرفان وفاق کي ٻيٽ حوالي ڪرڻ جي عمل کي سنڌ سان ويساھ گهاتي قرار ڏنو آھي. ان عمل تي مراد علي شاھ قوم کان معافي وٺي ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد منظور ڪرائي آرڊيننس کي رد ڪيو وڃي. ھاءِ ڪورٽ بار حيدرآباد کي 11 آڪٽوبر تي گورنر ھائوس سامھون ڦوارھ چوڪ تي شريڪ ٿيڻ ۽ سنڌ جي قومي وحدت کي بچائڻ جي جدوجھد ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي جنھن ۾ سڀني وڪيلن ھٿ مٿي ڪري شرڪت جي يقين دھاني ڪرائي. حيدرآباد ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر ڊاڪٽر قادر مگسي کي ڀليڪار ڪندي جدوجھد ۾ شريڪ ٿيڻ جو يقين ڏياريو ۽ بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ممتاز لغاري آجيان ڪندي اجرڪون ۽ گل پيش ڪيا. تقريب ۾ سينئر وڪيل ماما يوسف لغاري فراز ابڙو، غلام الله چاڻگ، زنئور بلوچ، ممتاز لغاري، غلام سرور بليدي، اياز تنيو، اندر جيت، حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار جي صدر تاج محمد ڪيريو ۽ خدابخش لغاري سميت مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ ۽ محمد علي ابڙو ۽ سرواڻ مگسي سچل گوپانگ، رياض لاکو سميت ڪارڪنن ۽ قانوندانن شرڪت ڪئي.

وڌيڪ پڙھو

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ لڳو

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ لڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *