وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي جهيڙي ۾ نپوڙجندڙ سنڌ

حيات تنيو

سنڌ سان ٿيندڙ زيادتن جو رڪارڊ ڪو اڄڪلھ جو ناهي. اهو ظلم ۽ ناانصافين جو قصو ٻاهتر ورهين تي مشتمل آهي. ان سموري عرصي ۾ سنڌ سان هر قدم تي بيواجبيون ڪيون ويون آهن. وفاق، جمهوريت توڙي مذهب جي نالي ۾ هتان جي چونڊيل توڙي اڻ چونڊيل حڪمرانن سنڌ جي قدرتي وسيلن، آمدني ۽ گذر جي سمورن ذريعن تي اسلامي ڀائيچاري، مظبوط مرڪز، وفاق، جمهوريت ۽ عوام جي حڪمراني جي نالي ۾ قبضو ڪيو ويو آهي. مختلف نعرن جا سونهري خواب ڏيکاري سنڌي ماڻهن سان مسلسل تاريخي ويساھ گھاتيون، ٺڳيون ۽ چالاڪيون ڪندي سنڌين جا سمورا وسيلا کپائي باقي بچي ويل شين تي قبضو ڪيون ويٺا آهن. جيڪو به ماڻهون زبان کولي ٿو، ان کليل داداگيري ۽ ظلم خلاف دانهن ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته، ان کي ملڪ دشمن، غدار ۽ پاڙيسري ملڪن جو ايجنٽ قرار ڏئي ماري ڪُٽِي جيلن ۾ بند ڪريو ڇڏين. جيڪڏهن اڃان به ڪو مٿي ڦريو خاموشي اختيار نٿو ڪري ته کين ٽارچر سيلن ۾ تشدد ڪري ماري لاش ڪنهن روڊ تي ڦٽو ڪري ڇڏين ٿا. سنڌي ڄڻ ته هن ملڪ ۾ برابري جا حصيدار نه پر مفتوح ۽ غلام بڻايل قيدي هجن. دنيا اندر قيدين جا به انساني حقوق ٿيندا آهن. عالمي اصولن موجب جنگي قيدين کي به بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وينديون آهن. پر پاڪستان جي خالق قوم کي پنهنجن سمورن قدرتي وسيلن توڙي حقن کان محروم بڻائي هن ملڪ جي سسٽم اندر غلامن کان به وڌيڪ بدتر سلوڪ ڪيو پيو وڃي. حڪمرانن جي اهڙن روين ۽ پاليسين جي ڪري هتان جي مظلوم ۽ محڪوم قومن ۾ مايوسي، بيچيني ۽ ڪاوڙ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. پر ملڪ جون حڪمران قووتون وقت، حالتن ۽ تاريخ جي ناخشگوار ۽ تلخ تجربن مان سبق حاصل ڪرڻ بجاءِ اڃان به پنهنجي ان هٺ ڌرمي ۽ آپيشاهي واري پاليسي تي گامزن آهن. جنهن ڪري ملڪ ۾ مذهبي انتها پسندي، داداگيري، دهشتگردي، لاقانونيت، ڪرپشن، سميت ٻيا اڪيچار مسئلا گھٽ ٿيڻ بجاءِ وڌي رهيا آهن. هن ملڪ تي حڪمراني ڪنهن آمر يا ڊڪٽيٽر جي هجي يا پيپلزپارٽي، نواز ليگ ۽ تحريڪ انصاف سميت ڪهڙي به سياسي پارٽي جي هجي پر سنڌين لاءِ مجموعي طور تي سڀني جي ساڳئي ڏاڍ، ڏهڪاءَ ۽ جبر واري پاليسي آهي ته، خبردار ڪڇندئو ته ماريا ويندئو!
هن وقت ملڪ جي ٽن صوبن پشتونخواھ، پنجاپ ۽ بلوچستان سميت وفاقي حڪومت عمران خان جي تحريڪ انصاف جي آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ گذريل ٻارهن ورهين کان پيپلزپارٽي حڪمراني جا فرض سرانجام ڏئي رهي آهي. ارڙهين ترميم کان پوءِ هن وقت وفاقي سرڪار ۽ سنڌ حڪومت ۾ اختيارن جي ورڇ، وسيلن ۽ ادارن جي مالڪي تان ظاهري طور تي اختلاف چوٽ چڙهيل آهن. تازو پيپلزپارٽي جي نوجوان چيئرمين رتوديرو ۽ لاڙڪاڻي چانڊڪا اسپتال ۾ ايڊز جي موضي مرض ۾ مبتلا سوين مريضن جي علاج لاءِ قائم ڪيل ايڇ اءِ وي سينٽر جو معائنو ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا واران سان ڳالهائيندي سنڌ جون ٽي اسپتالون جناح اسپتال، اين آءِ سي ايڇ ڊي ۽ اين آءِ سي وي ڊي وفاق جي حوالي ڪرڻ واري نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کان پوءِ اسلام آباد تي چڙهائي ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي. نه صرف ايترو پر هن سنڌ کي 91 واري ٺاھ مطابق پاڻي فراهم نه ڪرڻ واري عمل جي نندا ڪندي فرمايو آهي ته ملڪ ۾ ون يونٽ وارو ماحول قائم ڪيو ويو آهي ۽ اسان اڳ ۾ به ون يونٽ ٽوڙيو هو ۽ هاڻي به ون يونٽ قبول نه ڪنداسين. جڏهن ته هن ملڪ جي ٻن ڊڪٽيٽرن ايوب خان جي آمريت دوران پاڪستان جي ٻن ٽڪرن ۾ ورهائجڻ ۽ ڊڪٽيٽر مشرف جي دوران بلوچستان جي صورتحال جو ذڪر ڪندي انهن واقعن جي مذمت به ڪئي آهي.
بلاول ڀٽو زرداري کي شايد اها خبر ناهي ته جڏهن 2008ع _13 سندس پارٽي جي وفاق ۾ حڪومت هئي، ملڪ جي وزير اعظم سميت سمورا ادارا هنن جي حوالي هئا، سندس والد محترم آصف علي زرداري هن ملڪ جو صدر هيو ان وقت به 91 واري پاڻي ٺاھ تي عمل نه پئي ٿيو جڏهن ته آصف علي زرداري سنڌو درياءَ تي ڪالاباغ ڊيم سميت 32 ننڊا وڏا ڊيم اڏڻ لاءِ سڄي دنيا مان وتي پيو فنڊ گڏ ڪندو. ان وقت جو پيپلزپارٽي جو مرڪزي جنرل سيڪريٽر راجا پرويز اشرف ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ بيان ڏيندو رهيو. ملڪ جو وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني به سنڌو درياءَ مان مختلف ڪئنال ڪڍي پنجاپ جون زمينون آباد ڪرڻ جا اعلان ڪري رهيو هو. ان کان اڳ ۾ پيپلزپارٽي جي 3 ڀيرا هن ملڪ تي حڪمراني رهي آهي ان وقت ڪڏهن به سنڌ جي پاڻي لاءِ ڪا سنجيدھ ڪوشش نه ورتي وئي. ٺٽي ۽ بدين ضلعن جو هزارين ايڪڙ زمينون سم ۽ ڪلر جي ڪري تباھ ۽ برباد ٿي رهيون آهن، ڪڏهن ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇڏڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي نه جوڙي وئي. جيتريقدر ون يونٽ جي ٽوڙڻ، ايوب ۽ مشرف جي آمريت ۽ بلوچستان سان ٿيندڙ زيادتن جي حوالي ساان بلاول جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن ته شايد کين تاريخ جي خبر ناهي يا استادن کين غلط سبق پڙهايا آهن. تاريخي حقيقت ته اها آهي ته ون يونٽ واري سموري عرصي دوران ڀٽو صاحب آمر ايوب خان جي ڪابينا ۾ وزير رهيو ۽ هڪ ڀيري ته حيدرآباد ۾ صحافين جي سوال تي جواب ڏيندي ايئن به چيائين ته ون يونٽ جي مخالفت ڪري پنجاپ کي ناراض ڪرڻ نه ٿو چاهيان. بنگالين جي نسل ڪشي مان به کين تاريخ آجو قرار نٿي ڏئي سگھيس. جڏهن ته نيشنل عوامي پارٽي تي بندش سميت بلوچن خلاف آپريشن به ذولفقار علي ڀٽو جي دور حڪومت ۾ ئي ڪئي وئي هئي. نه صرف ايترو پر سنڌ ۾ به پريس تي پابندي لڳائڻ سميت ڪيترن ئي سنڌي ڪتابن ۽ رسالن تي بندش وجھي سنڌ جي اديبن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو هو. بلاول کي اهو به ياد رکڻ گھرجي ته سندس امڙ جي قاتل جنرل مشرف کي هٿڪڙيون هڻي جيل ۾ وجھڻ بجاءِ گارڊ آف آنرس ڏئي پرڏيھ ڀڄائڻ ۾ ڪنهن ٻئي جو هٿ نه، پر سندس ئي والد محترم آصف علي زرداري جي مرضي ۽ منشا شامل هئي.
جيتريقدر سنڌ جي ٽن اسپتالن جي وفاق حوالي ڪرڻ وارو فيصلو آهي ته اهو سراسر سنڌ جي اختيارن تي سڌو حملو آهي، جنهن جي ڪو به سنڌ واسي حمايت نه ڪندو. پر اهو به هڪڙو ڪڙو سچ آهي ته پيپلزپارٽي گذريل ٻاهن ورهن کان سنڌ تي حڪمراني ڪرڻ دوران جيڪا سنڌ جي ادارن جي ڀڃ ڊاھ ۽ ستياناس ڪئي آهي، اهو به الڳ هڪ وڏو الميو آهي. سنڌ حڪومت خود ڪيتريون ئي اسپتالون ۽ بيسڪ هيلٿ سينٽر اين جي اوز حوالي ڪري چڪي آهي. سنڌ جي وڏي وزير پاران صحت کاتي ۾ ايمرجنسي واري اعلان کان پوءِ به سرڪاري اسپتالن جي حالت انتهائي پٺ تي پيل رحم جوڳي آهي، جتي انتظامن جي کوٽ، صفائي جي کوٽ عملي جي کوٽ، دوائن جي کوٽ سميت روين جي اڻاٺ به بيمارين ۽ مصيبتن جي ماريل مارو ماڻهن لاءِ ڪنهن ذلت، پيڙا ۽ اذيت کان گھٽ ناهي. رتوديرو جي اسپتال ۾ ايڊز جي مريضن واري سينٽر جي وزٽ دوران ته خود بلاول سان سندسئي پارٽي ۽ اسپتال جي انتظاميه جيڪا چالاڪي ڪئي اها به مذمت جھڙو عمل آهي. اخباري رپورٽن مطابق بلاول جي اچڻ کان اڳ ۾ سموري اسپتال کي سيل ڪيو ويو. اسپتال جي صفائي سٿرائي ڪرائي وارڊن ۾ ايئرڪنڊيشن هلائي ايڊز جي مريضن کي اسپتال مان ٻاهر ڪڍي پارٽي ورڪرن کي مريضن طور بيڊن تي سمهاريو ويو. اسپتال جي مين گيٽ کي بند ڪري، سڪيورٽي گارڊن پاران عام مريضن ۽ عورتن تي لٺين سان تشدد به ڪيو ويو. هن وقت تائين صرف رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي پازيٽو آيل مريضن جو ان 700 کان به وڌيڪ آهي. سنڌ حڪومت جي ته ايڊز جي مريضن ڏانهن سنجيدگي ۽ همدردي ان ڳالھ مان ئي ظاهر آهي ته زڪوات کاتي پاران رتوديرو ۾ هڪ مهيني دوران بلڊ اسڪريننگ لاءِ ايندڙ مريضن کي پاڻي ۽ جوس پيئارڻ لاءِ 10 لک روپيا جاري ڪيا ويا، هڪ مهيني اندر تقريبن 32 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي بلڊ اسڪريننگ ڪئي وئي، پر ان سموري عرصي دوران ڪنهن هڪڙي ماڻهون کي به پيئڻ لاءِ منرل واٽر يا جوس نه ڏنو ويو ۽ نه ئي وري ماڻهن جي ويهڻ لاءِ ڪا سهولت مهيا ڪئي وئي. اها آهي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي!
سنڌ جو ڪو به ماڻهون ان فيصلي يا عمل جو حمايتي ناهي ته سنڌ جا ادارا وفاق جي حوالي ڪيا وڃن. پر ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته سنڌ حڪومت کي به صرف ڏيکاءَ لاءِ دانهون ڪري پاڻ کي قومپرست يا سنڌ جو هيرو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بجاءِ ادارن جي لٽ ڦر ۽ ڪرپشن واري نظام مان جان آجي ڪرائي، پنهنجي حڪومتي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪي ٺوس ۽ عملي اپاءَ وٺڻ گھرجن. اهڙا اپاءَ جيڪي هر ماڻهونءَ کي ڏسڻ ۾ به اچن. هن وقت سنڌ اندر ڪو هڪڙو به اهڙو ادارو ناهي جيڪو مثالي ڪم ڪندو هجي. پيپلزپارٽي سميت سنڌ جو ڪو به هڪڙو ماڻهون، ڪنهن هڪڙي اداري جو ئي نالو کڻي ٻڌائي ته هي مثالي ادارو آهي، هتي رشوت ۽ ڪميشن کان بغير هر ماڻهونءَ جو آساني سان ڪم ٿيندو آهي. سنڌ جي هر کاتي ۾ پٽيوالي کان وٺي حڪومتي ڌر جي مقامي عهديدارن، ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر، تڪ جي چونڊيل نمائندن، کاتي جي وزيرن کان وٺي ناڻي کاتي، ”رئيس وڏي“ ۽ ”ادي“ تائين هر ڪنهن جو حصو پتي مقرر ڪيل آهي. سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي مقرر وقت تي پنهنجو پنهنجو حصو پتي پوري ايمانداري ۽ ذميواريءَ سان گھي ويٺي ملي وڃي ٿو. سنڌ ۾ بهتر حڪمراني جو هڪڙو تازو اعلي مثال اهو به آهي ته نيب جي ڇاپن کان پوءِ اها ڳالھ ظاهر ٿي ته ڪڻڪ جي گدامن تان لکين ڪڻڪ جون ٻوريون غائب آهن. جيڪي ٻوريون موجود هيون انهن ۾ به ڪڻڪ جي بجاءِ مٽي ۽ بجري ڀريل هئي. سنڌ سان اهڙي ويڌن صرف فوڊ انسپيڪٽر يا ٻيو عملو پنهنجي مرضيءَ سان ته نه ڪندو هوندو، لازمي طور تي ان ۾ به هيٺين سطع کان وٺي مٿي تائين سمورو سسٽم ملوث هوندو. سنڌ جي ٻيلي کاتي جي لکين ايڪڙ زمين تي سنڌ جا جاگيردار ۽ ڀوتار قبضو ڪيون ويٺا آهن. سپريم ڪورٽ جي بار بار حڪمن باوجود سنڌ حڪومت ملڪ جي اعلي ۽ سپريم عدالت جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ کان قاصر لڳي ويٺي آهي. اهليت، ميرٽ ۽ ذميواري نالي ڪا به شيءِ نظر نه پئي اچي، جڏهن ته سٺي حڪمراني هميشه شفافيت، ميرٽ ۽ ذميواري جي احساس سان مشروط هوندي آهي. پر بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾ اهڙي ڪا به شيءِ نظر نه پئي اچي. حقيقت اها آهي ته پيپلزپارٽي کي سنڌ جي پاڻي، ناڻي، تيل، گئس ۽ ڪوئلي سميت ٻين وسيلن جي مالڪي لاءِ تر جيتري به دلچسپي ناهي. هي جيڪي سنڌ سنڌ جون دانهون ڪيون پيون وڃن اهي به صرف سنڌين جون همدرديون حاصل ڪرڻ ۽ ڪرپشن ڪيسن جي جاچ ۾ رليف حاصل ڪرڻ لاءِ بارگينگ کان سواءِ ڪجھ به ناهن. سچ اهو آهي ته وفاقي حڪومت هجي يا سنڌ حڪومت، سنڌين سان دلي همدردي ڪنهن کي به ڪونهي. پر ڏک اهو آهي ته وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت جي پنهنجن مفادن ۽ سياسي جھيڙن ۾ نقصان وري به سنڌ جو ٿي رهيو آهي. ”وڙهن سانھ پٽجن ٻوڙا“ واري چوڻي مطابق سنڌي ماڻهون بک، بدحالي، بيروزگاري، بدامني، ڪرپشن ۽ مهانگائي جا عذاب ڀوڳڻ تي مجبور آهن.
باقي جيتريقدر تحريڪ انصاف يا عمران خان جي حڪومت جو معاملو آهي ته انهن مختصر وقت ۾ ئي عوام کي تمام گھڻو مايوس ۽ بيزار ڪري ڇڏيو آهي. مهانگائي ماڻهن جو جيئڻ تان ئي روح کڻائي ڇڏيو آهي. عمران خان مان عوام جيتريون گھڻيون اميدون رکيون هيون، ايترو ئي تيزيءَ سان عوام مايوس ٿي چڪو آهي. عمران خان جي عمل، سندس ڪارڪردگي ۽ پاليسين سبب سندس گراف تيزي سان ڪري رهيو آهي. سنڌين لاءِ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ڳالھ اها آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ذهني طور تي ڪراچي کي سنڌ کان الڳ قبول ڪيون ويٺي آهي. ايم ڪيو ايم ۽ گورنر جي بيانن کان پوءِ سنڌ ۾ تحريڪ انصاف خلاف پيدا ٿيل ڪاوڙ، نفرت يا خود پي ٽي آءِ ۾ ويٺل سنڌين ۾ پيدا ٿيل مايوسي کي مد نظر رکندي ڪراچي جي دوري دوران عمران خان ڪراچي کي الڳ ڪرڻ وارن بيانن کي رد ڪيو ته آهي پر وري به معني خيز بيان جاري ڪري ويو آهي ته اسان اهڙو بلدياتي نظام آڻينداسين جو ڪراچي کي الڳ ڪرڻ وارن مطالبن جي ضرورت ئي نه پوندي!؟ اهڙي قسم جو بيان سنڌي قوم لاءِ فڪر جو لمحو آهي. انڪري کين پنهنجون صفون درست ۽ منظم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

وڌيڪ پڙھو

ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي؟

ڇا سنڌ سياسي امامت وڃائي ڇڏي؟

اها ٻه هزار پندرنهن جي مارچ مهيني جي شام هئي سنڌ جي مختلف شهرن مان …