وفاقي پارٽيون اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ بچائڻ جي لاءِ ھميشہ سنڌ جي مفادن جو سودو ڪنديون رھيون آھن- ڊاڪٽر قادر مگسي

وفاقي پارٽيون اقتدار حاصل ڪرڻ ۽ بچائڻ جي لاءِ ھميشہ سنڌ جي مفادن جو سودو ڪنديون رھيون آھن- ڊاڪٽر قادر مگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽرقادرمگسي چيو آھي تہ پاڪستان جي سمورن مسئلن جو حل ملڪ جي سمورين قومن کي برابري جي بنياد تي حق ڏيڻ ئي سان ئي ٿي سگھي ٿو. اصل ۾ ھي ملڪ ھڪ گھڻ قومي رياستن تي مبني ملڪ آھي جنھن ۾ سموريون رياستون پنھنجي مرضي سان ان شرط تي شامل ٿيون ھيون تہ کين برابري جي بنياد تي حق ڏنا ويندا. پر ائين نہ ٿيو ملڪ جي اندر اڻ برابري واري مالياتي ، اقتداري ۽ پارليماني ورڇ سبب مظلوم ۽ محڪوم قومن جو استحصال ٿيندو آيو آھي . ھن چيو تہ اھوئي سبب آھي تہ جڏھن ملڪ جي اندر اقتدار بچائڻ يا حاصل ڪرڻ لاءِ وفاقي پارٽين ۾ راند شروع ٿيندي آھي تہ ان ۾ سياسي رشوت جي بازار لڳندي آھي جنھن ۾ مظلوم قومن جو مفادن جو سودو ٿيندو آھي جنھن ۾ سڀ کان وڌيڪ سنڌ ڀوڳيندي آھي پوءِ اھا سودي بازي پ پ پ ڪري يا پي ٽي آئي ۽ ڪا ليگ ڪري پر ان ۾ سنڌ جي مفادن کي وڪرو ڪري ان جو استحصال ڪيو ويندو آھي. آمريت جي دورن ۾ ھوئين سڀ کان وڌيڪ سنڌ کي نقصان رسندو آيو آھي پر ھنن جمھوريت جي دعويدار وفاقي پارٽين جي دورن ۾ بہ ائين ٿيندو آيو آھي. ڊاڪٽرقادرمگسي چيو تہ زرداري جو ايم ڪيو ايم سان ٺاھ ۽ سندن مطالبا تسليم ڪرڻ ڪا نئي ڳالھ ناھي پ پ پ سدائين پنھنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ اھڙا حُربا استعمال ڪندي آھي۽ سنڌ جي حقن جو تين وال ڪندي آھي. اھي سنڌ کي پنھنجي جاگير سمجھن ٿا . عوام کي صرف ووٽ جي منڊي سمجھن ٿا. انڪري ھاڻي سنڌ جي ماڻھن کي سجاڳ ٿيڻ گھرجي تہ سندن سمورين مسئلن مصيبتن جو سبب پ پ پ ۽ ان ۾ ويٺل جاگيردار وڏيرا ۽ ڀوتار آھن. انھن مان ڪابہ نيڪي جي اميد نٿي رکي سگھجي . انڪري ھاڻي وقت اچي ويو آھي سنڌ جي ماڻھن کي نئي صف بندي ڪرڻي پوندي ۽ سنڌ جي ھنن لُٽيرن ۽ ڪرپٽ سياستدانن مان جان ڇڏائي پورھيت طبقي جو راڄ آڻڻو پوندو ان ۾ ئي سنڌ جي بقاءُ آھي. ھن وڌيڪ چيو تہ ملڪ جي اندر ھي جيڪو سياسي ڊراما ٿي رھيا آھن ان سان عوام کي يا ملڪ کي ڪوبہ فائدو نہ پھچندو. ماڻھن جي ڏکن اھنجن ۽ پريشانين ۾ ڪابہ گھتٽائي نہ ايندي . اھا صرف ان صورت ۾ اچي سگھي ٿي جو سنڌ جا ماڻھو قومپرست وطن دوست ۽ عوام دوست قوتن جو ساٿ ڏين ۽ ملڪ جي اندر حقيقي جمھوريت جو سج اڀري جنھن ۾ اقتدار نہ پر عوام جا مفاد وڌيڪ عزيز ھجن.

وڌيڪ پڙھو

ڌارين آبادڪاري نيڪالي جي لاءِ اعلانيل سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين -ڊاڪٽرقادر مگسي

ڌارين آبادڪاري نيڪالي جي لاءِ اعلانيل سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ريلي ۾ ڀرپور شرڪت ڪنداسين -ڊاڪٽرقادر مگسي

حيدرآباد (پريس رليز) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس پارٽي چيئرمين ڊاڪٽر …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *