وفاقي سرڪار پاران اعلانيل سنڌ بئراج تي بريفنگ جي لاءِ واپڊا چيئرمين نہ آيو. سينٽر انتظار ڪندا رھيا.ايندڙ اجلاس ۾ واپڊا چيئرمين شريڪ ٿيڻ جي ھدايت

وفاقي سرڪار پاران اعلانيل سنڌ بيراج تي بريفنگ لاء واپڊا چئيرمين نه آيو , سينيٽ جي پاڻي ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر سسئي پليجو جي اعتراض تي آيل عملدارن جي بريفنگ ملتوي , ايندڙ اجلاس ۾ واپڊا چئيرمين کي پاڻ اچي بريفنگ ڏيڻ جي هدايت.

سينيٽ جي پاڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر شميم آفريدي جي صدارت ۾ ٿيو جنهن جي ايجنڊا ۾ سنڌ بيراج تي بريفنگ رٿيل هئي پر واپڊا چئيرمين اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيو , ڪميٽي ۾ واپڊا ارسا پاڻي وسيلن واري وزارت جا عملدار شريڪ ٿيا جن بريفنگ ڏيڻ چاهي ته سسئي پليجو اعتراض واريو
سسئي پليجو موقف اختيار ڪيو ته هي انتهائي اهم نوعيت جو منصوبو آهي هن تي واپڊا چئيرمين کان ئي بريفنگ ورتي وڃي ته جئين منصوبي جي فائدن ۽ خدشن تي ڄاڻ وٺي سگهجي , سسئي پليجو چيو ته ٺٽو سجاول بدين هن وقت پاڻي لاء سڪي پيو هي منصوبو جيڪڏهن ٺٺي سمیت لاڑ ۽ ڪراچي جي ماڻهن کي فائدو رسائڻ لاء آهي ته ان تي اسان کي مڪمل رپورٽ ملڻ گهرجي ۽ اسان جون تجويزون به ورتيون وڃن 
ڪميٽي ۾ موجود سينيٽرز مير ڪبير، گيانچند يوسف باديني، سسئي پليجو جي موقف جي تائيد ڪئي وئي. 
پي ٽي آء سينيٽر وليد اقبال سسئي پليجو سان مخاطب ٿي چيو ته وفاق پاران سنڌ بيراج توهان ۽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ خاص تحفو آهي. توهان به ڀنڀور جي ويجهي جي آهيو، اڳ واري سسئي به اتي جي هئي، جنهن تي ن ليگ جي ميمبر راڻا مقبول چيو ته ماضي جي سسئي سان نا انصافيون ٿيون پر هي سسئي ناانصافي برداشت نہ ڪندي. 
سينيٽر شميم آفريدي سسئي جي موقف بعد بريفنگ ملتوي ڪرائيندي هدايت ڪئي ته ايندڙ اجلاس ۾ واپڊا چئيرمين اچي سنڌ بيراج تي تفصيلي بريفنگ ڏي 
اجلاس ۾ حاصل بزنجو شبلي فراز يوسف باديني مير ڪبير , وليد اقبال گيانچند ۽ ٻيا سينيٽر شريڪ ٿيا

وڌيڪ پڙھو

عمران خان جي اڳواڻي ۾ لانگ مارچ شروع ٿيڻ وارو

عمران خان جي اڳواڻي ۾ لانگ مارچ شروع ٿيڻ وارو

تحريڪ انصاف طرفان اڄ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ڪيو پيو وڃي، لاهور جي لبرٽي …