وفاقي حڪومت سوشل ميڊيا لاءِ نوان قانون جوڙي ورتا

وفاقي سرڪار سوشل ميڊيا جا نوان قانون منظور ڪري ورتا، ذريعن موجب وفاقي ڪابينا نون قانونن جي منظوري ڏئي ڇڏي، قانونن کي اليڪٽرانڪ ايڪٽ جو حصو بڻائيندي عملدرآمد شروع ڪيو ويو. نئين قانون تحت يوٽيوب، فيس بُڪ، ٽوئيٽر، ٽڪ ٽاڪ ۽ ٻين سوشل ميڊيا ڪمپنين کي ٽن مهينن ۾ پاڪستان ۾ رجسٽريشن لازمي ڪرائڻي پوندي، اسلام آباد ۾ آفيسز قائم ڪرڻ سان گڏ رابطا آفيسر به مقرر ڪرڻو پوندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين قانون تحت ڪمپنين کي هڪ سال اندر پنهنجو ڊيٽا پروسيسر سروسر ٺاهڻو پوندو، نئين قانون تحت سوشل ميڊيا کي ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ نيشنل ڪوآرڊينيشنل اٿارٽي قائم ڪئي ويندي، جيڪا حراسان ڪرڻ، ادارن کي نشانو بڻائڻ ۽ منع ٿيل مواد اپ لوڊ ڪندڙ اڪائونٽ بند ڪرڻ جي هدايت ڪندي، سهڪار نه ڪرڻ تي ڪمپني جي سروس معطل ڪئي ويندي، رولز کي فالو نه ڪندڙ ڪمپنين تي 50 ڪروڙ تائين ڏنڊ لڳائي سگهجي ٿو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا قائدن ۾ ترميم ڪري ڇڏي آهي، جنهن لاءِ هاڻي پارليامينٽ مان منظوري نه ورتي ويندي.

وڌيڪ پڙھو

طالبان پاران انتقام نه وٺڻ جو اعلان- طالبان ترجمان جي پهرين پريس ڪانفرنس

طالبان پاران انتقام نه وٺڻ جو اعلان- طالبان ترجمان جي پهرين پريس ڪانفرنس

ڪابل: طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پهرين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان …