هوت خان گاڏهي جي فيسبوڪ وال تان


. اڄ منهنجو هڪ دوست ڀٽ شاھ مان حسب معمول سيڙهجي مون سان ملڻ آيو منهنجي ۽ هن جي وچ ۾ گذريل پنجٽيهه سالن کان ذهني ۽ روحاني مظبوط رشتو هئڻ سبب سال. موسمون ۽ عمريون اثر انداز نه ٿي سگهيون آهن. هو لطيف سرڪار جو وڏو پارکو آهي لطيف تي سندس جهڙي شرح مون ٻئي ڪنهن کان اهڙي ناهي ٻڌي جيڪا هڪ ئي وقت ذهن ۽ روح کي جڪڙي وٺي. هو پاڻ کي لطيف سائين جو پارکو چوائڻ بجاءِ لطيف جو مريد سڏرائيندو آهي. جنھن لاءِ وٽس هميشه هڪڙوئي دليل هوندو آهي ته لطيف سائين ڪامل آهي ۽ وٽائنس هر جديد ۽ قديم شئي جي راه ملي ٿي. ان ڪري ڪامل رهبر جو مريد ٿيڻ ۾ ڪو هرج ناهي. ٻيو منهنجو هي دوست مارڪس ازم کي دنيا جي نجات جو واحد حل ۽ انسانيت جو نرواڻ سمجهندو آهي. هو مارڪس ازم کي تغير پذير حالتن سان گڏ تبديل ٿيندڙ فطرت. معشيت. سماجي سائنس يا علم سمجهڻ سان گڏ ان کي عملي طور پنهنجي زندگيءَ ۾ رهنمائي لاءِ اثاثي طور استعمال ڪندو آهي. پنجويهه سال کن اڳ تائين هو هڪ مارڪسٽ سياسي ڪارڪن طور عملي سياست ۾ انتهائي سرگرم ڪردار ادا ڪندڙ هو مون زندگيءَ ۾ اهڙا گهٽ سياسي ڪارڪن يا اڳواڻ ڏٺا آهن جن کي سدائين سفر ۾ يا منزل تي رسڻ جي اڻتڻ ۾ محسوس ڪيو هجي. هو لطيف جي نسبت سان پاڻ کي ڪامريڊ چورائڻ بجاءِ کاهوڙي يا آڳڙيو چورائيدو آهي. سندس چواڻي ته ڪامريڊ کان سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن لاءِ لطيف جو کاهوڙي ۽ آڳڙيو لفظ ۽ ان جي تشريح وڌيڪ چٽي ۽ جامع آهي. هو نالي ناموس کان پري ڀڄندڙ آهي ان ڪري اڄ جي ڪچهري کي مون جڏهن ضرورتن جو جواز ڄاڻائي مضمون جي شڪل ڏيڻ لاءِ تيار ڪيومانس ته سندس نالو استعمال نه ڪرڻ جو شرط رکيائين. اڄ هو عملي طور سياست ۾ سرگرم ناهي پر پيڙهيل طبقن محقوم قومن جي نجات جو ذريعو سياست کي ئي سمجهي ٿو سو به مارڪس ازم جي جديد عمل جوڳي تشريح واري سياست کي. منهنجي بار بار عملي سياست ۾ سرگرم ٿيڻ واري اسرار تي هو لطيف سائين جو بيت دهرائيندو آهي ته.. نه سي وؤڻ وڻن ۾ نه ڪاتاريون. پسي بازاريون هنئڙو مون لوڻ ٿئي… مون اڄ به کيس زور ڀريو ته يار کاهوڙي جڏهن نجات جو ذريعو به سرگرم سياست کي ٿو سمجهين ته ان کان انڪار ڇو ڀلي پنهنجي پسند جي سياسي پارٽي ڳولي ان ۾ سياست ڪر يا پنهنجي پارٽي ٺاهي عملي سياست ڪر. ته ڪافي دير خاموش رهي پوءِ جواب ڏنائين ڪامريڊ اڄ جي سياست. سياسي پارٽيون سياسي قيادتون ۽ سياسي ڪارڪن سڀ اڄ جيڪو سياست جي نالي ۾ ڪن ٿا ان کي مان سياست مڃڻ لاءِ تيار ناهيان ۽ ان سموري انڌن. منڊن. ذهني طور مفلوج. ذاتي گهرجن. بدعتن جي ۽ پاڻ کي عقل ڪل سمجهندڙ. هدف تي رسڻ واري ايجنڊا تي هلڻ بجاءِ حڪمرانن جي روز گوجندر لفظن ۽ لڪائن پويان زنده رهڻ لاءِ ٺلهي هٿ پير هڻڻ يا لفاظي ڪندڙ سياست جي نالي ۾ سياست کي ۽ منزل کي بدنام ڪندڙ ۽ نقصان ڏيندڙ راڄ ۾ ڇا ڪري سگهندس گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي دامن کي ڪفن طور استعمال ته ان عمل کان پري رهي ڪري سگهندس. مون ساڻس اهڙي سوچ تي اختلاف ڪندي دليل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته يڪدم ڳالھ ڪاٽيندي چيائين ڪامريڊ پاڻ گذريل ڪچهري ۾ لطيف سرڪار جي فلسفي.. اڪال ۽ پاتال معني بلندي ۽ پستي جون انتهائون. تي ڪچهري ڪئي هئي. اڄ اسين لطيف جي کاهوڙي آڳڙيو لفظ ان جي ڪردار معني مفهوم تي ڪچهري ڪنداسين جنهن جي تشريح سان توکي تنهنجي سوال جو جواب به ملي ويندو سو به لطيف جي فلسفي مان جنهن لطيف کي اوهان لفاظي طور ئي سهي پر پنهنجو رهبر به مڃو ٿا. پر لطيف جي حقيقي سياست. اڳواڻ. ڪارڪن ۽ اخلاقي قدرن عمل واري تصور کان ڪيترو پري آهيو ان جي پرک به ٿي ويندي .
. پوءِ هو جھوڪ ٻڌي پنهنجي وڻندڙ انداز سان لطيف سائين جي بيتن منجهان چونڊ بيت ان موضوع جي مناسبت سان

جيئن ڪا ڪاٺي ڪانهن لسندي لاتيون ڪري. اچي پئي اوچتي درد پريان جي دانھن. ويڄ ڏنڀئين ڪہ ٻانهن سورهنئين کي سامهان.

صورت گھڻو سهڻا. ٽاڻا سندن ٽوه.
ريلو ڏئي روح. جو کائي سو کامي مري.

واڄٽ ويراڳـين جا مون وٽ وڏي وٿ.
سون سڀوئي سڱــيون پسي ڪين م ڪٿ.
ويساهه ويل ڪنهين پورب ويندو پٿ.
هل کنيائون هٿ آءُ نه جئندي ان ري

وڃائي وجود کي. پاڻان پاسي ٿيء.
هڏهين ڪونهي هيءَ. اسارا. آئون. چوين

گولا جي گراه جا. جوٺا سي جوڳي.
ڦٽل سي ڦوڳي جن شڪم سانڍيا.

نسوروئي نينهن جو. دل ۾ درد دکاء.
آڻي آڳ عشق جي. ٻاري جان جلاء.
جندا ايئن جڳاء. جيئن آتشان آب ٿئي.

ڪيهي ڪام ڪاپڙي ٿا اهڙي روش رون.
نڪا دل دوزخ ڏي نڪي بهشت گهرن.
نڪو ڪم ڪفار سين نڪا مسلماني من.
اڀا ايئن چون ته پرين ڪجو پانهنجو..

ڪنهن جنهن ڪٺا ڪات جئن سامي مور نه سنرا.
ڏينهان ڏکي ڏيل ۾ سور سڄائي رات.
سندي جوڳيان ذات جيجان هوء جڏائڙي.

لاکا لک سڄن ڦلاڻيء ڀـير ٻيو.
جنهن ڀر راڻا راڄيا ڪوٽن منجھ ڪنبن.
جنهن جو جاڙيجن ستي سنچو نه لهي.

ڏٺي جادم جکري چت نه ٻيا چڙهن.
تھ ڪي ڪوہ کڄن جه سر لڀي سڀرو.

ڏوري ڏوري ڏيہ ماء کاهوڙي آئيا.
ميرن پيريين کيہه ڪه ڄاڻان ڪنهن پار جي..

کاهوڙي کرا سوڌي خبر پکيا.
سوجھي جن ڪيا مٿي اڱڻ آهرا.

ڏسي ڏوري ڏونگـرين واٽ وڃائي جن.
ڪرندان ڪي پروڙيو رند سي نه رڙهن.
ٻيئي دار ديون ڪيو ويچارا وجھن.
خبر کاهوڙين آهي لک لاهوت جي.

پيئي جن پرک گنجي ڏونگـر گام جي.
واري سڀ ورق لوچي لاهوتي ٿيا.

جت نه پکيء پير تت ٽمڪي باهڙي.
ٻيو ٻاريندو ڪير کاهوڙڪيء کير ري.

پيو جن پرو گنجي ڏونگـر گام جو.
ڇڏي کيٽ کرو لوچي لاهوتي ٿيا.

سڪا منهن سندن پيرين پراڻا کيٿڙا.
سا جوء ڏوري آئيا سونهان جت منجھن.
ڳجھا ڳجھيون ڪن تهان پراهين پنڌ جون

سڪا سنڊ ڪڇن ۾ کرڪڻا پيرين.
ٽمندي نيڻين آن کاهوڙي گڏيا..

ڏٿ نه کٽو ڏوٿيين جيڪي ڏٿ ڪرين.
اهڃاڻـيون عالم جون اوريائين آڻين.
تھان پوء ڏسين پريان سندي ڳالھڙي.

کاھوڙين کڻي ساجھر ٻڌا سندرا.
ڏوريندي ۾ڏونگرين ڪيائون پاڻ پـڻي.
ڏکن ڏيل هڻي لڏيائون ڇپرين.

مون سي ڏٺا ماء جنين ڏٺو پرينء کي
رهي اچجي راتڙي تن جنگن سنديء جاء
تنين جي ساڃاء ترھو ٿئي تار ۾.

نهائين کان نينھن سک منھنجا سپرين
سڙي سارو ڏينهن ٻهر ٻاڦ نه نڪري

پل پل پليانس پل نه رھي پرينء ري
جيئن جھوريء کان جھليانس جھڄيو تئن جھوريء پوي..

گھوريندي گھورپيا اگھور گھوريائون
ميڪر ماريائون ملاحن منهن سنرا

الا ايئن م هوء آنء مران بند ۾
جسو زنجيرن ۾ راتو ڏينهان روء
پهرين وڃان لوء پوء مر پڄنم ڏينهنڙا

هو لطيف کي منهن مونن ۾ هڻي ايئن پڪاريندو رهيو جيئن ٿر ٻاٻيهو ابر جي الوٽ کي آواز ڏيندو هجي. ڄڻ سندس ساه جي تند به ان تنوار سان جڙيل هجي مون مناسب نه سمجهڻ باوجود کيس رخنو وجهي روڪڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس سندس بي چين روح جي ڪيفيتن کان واقف هئڻ سبب ڪافي دير تائين مون خاموش رهي وري به کيس صدا هڻندي چيو فقير هن وقت قحط الرجال وارو دور اهي کاهوڙي. آڳڙيا. جکرا. تماچي. ابڙو. ڪاپڙي. ڪوري. ۽ ڪنڀار ڪٿان آڻيون جيڪي لطيف جي معيار تي پورو لهندي سنڌ ۽ عالم انسانيت کي هن ٻوهي مان ڪڍي سگهن. هن جي مونسان سالن کان اهڙي هجت آهي جو چنبو اڀو ڪندي زور سان چيائين ڇا توکي تنهنجي علم ايترو ناهي سيکاريو ته جنهن وقت جيتريون حالتون خراب هجن اوترو وڏي ڪردارن. جستجو. علم. سگهاري عملي ڪردار ۽ قرباني جي ضرورت پوندي آهي. ڪير ان ڳالھ کان انڪاري آهي ته هيئنر جنهن سنڌ کي اوهان ماءُ ٿا چئو ۽ عوام عوام ڪري گڦ ٿا ڳاڙيو انهن جي حالت ڇا آهي ۽ انهن کي ٻوهي مان ڪڍڻ لاءِ حالتون اسان کان ڪهڙي عمل جي گهر ڪن ٿيون. مون کيس چيو فقير سائين اڄ جيڪا سنڌ موجود آهي ان ۾ به پنهنجي جستجو جو ڪردار آهي. موٽ ۾ چيائين ضرور ڪجھ ڪردار آهي پر بنيادي سوال هي آهي ته گذريل هڪ صدي جي تاريخي وهڪري ۾ سنڌ ڇا حاصل ڪيو آهي ڇا وڃايو آهي جي ڪجھ حاصل ڪيو آهي ته منهنجي پيءُ جا ڇڏيل ڏھ ايڪڙ زمين کپايان ٿو انهن هيروز جا نالا کڻو لسٽ ٺاهيو هلي ٿا انهن پيسن منجهان انهن جي مٿان هلي قبا ٿا اڏايون ۽ وسريون ٿا ملهايون جيڪڏھن سنڌ هڪ صدي دوران گهڻو ڪجهه وڃايو آهي ته پوءِ هلي انهن جي قبرن کي ميساريون. رهبر رهبر. عظيم عظيم. نيلسن منڊيلا. چي گويرا. ابو جهاد. بوبي سينڊس جهڙن لقب القاب جو ڪوڙو ڌنڌو بند ڪريون سندن تاريخ ۾ ڪيل فيصلن ۽ عملن جي جانچ ڪري کين تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ اصل ڪردارن سان بيهاريون ته جيئن اسين ڪوڙ ٺڳي کوکلن نعرن مان نڪري حقيقي سياست ۽ جدوجھد جا بنياد رکي اڳتي قدم کڻڻ جي قابل ٿيون. سندن خانداني ملڪيتن جا به پيرا کڻو اڄ سندن پونئيرن وٽ ملڪيتون ڪيتريون آهن غريب ڪارڪنن جي جدوجھد سان ڪنهن ويسا گهاتيون ڪيون انهن جا به پيرا کڻون ۽ جن ثابت قدمي سان پنهنجي پيرن تي بيهي جدوجھد سان پاڻ ملهايو انهن تي ايجنسين جي ايجنٽ جا ڪوڙا الزام هڻي تهمتون هنيون ويون انهن جا به پيرا کڻو.. مون سندس غصي کي گهٽائڻ لاءِ لهجي کي نرم ڪندي چيو فقير سائين اڄ به ڪافي پارٽيون. شخصيتون. اڳواڻ ڪارڪن ويچارا اڀري سڀري حال ۾ لوڙين پيا انهن کي ته شاباس ڏيو . کلندي چيائين ڪامريڊ مان نٿو سمجهان ته ڪو هينئر لوڙي پيو. پر تون چوين ٿو ته جيڪي ڪجھ دوست لوڙين پيا انهن کي سلام يا جيڪي حقيقتن لوڙي ويا انهن کي سرخ سلام. پر هڪڙي ڳالھ ٻڌائي تون پارٽين پارٽين جي رٽ لڳايو ويٺو آهين ٻٽن پارٽين کي ڇڏي ڪنهن وٽ مرڪزي باڊي جيترا ماڻهون آهن. ڪنهن وٽ سينٽرل ڪميٽي آهي ضلع باڊيز وغيره ته ڇڏ انهن وٽ ڪو آئين منشور. ڪو سياسي آدرش ڪو عمل وغيره. جن ٻٽن پارٽين وٽ اهي ادارا آهن آئين منشور آهي انھن وٽ به انهن شين تي ڪيترو عمل ٿئي ٿو بس ون مين شو آهي چلي جا رهي هئي ﷲ کي سهاري نه ڊرائيور ڪا ڪمال نه انجن ڪي خوبي. وري سوني تي سهاڳو اهو ته انهن پارٽين مان ليڊر جي عمل ۽ ڪردار کي ڪڍي ڇڏ ته باقي الهي ﷲ پويان خير لڳو پيو آهي نام بڙا ديه ويران سياست تي ڳالهائن ٿا ته ڪاڏي منهن مريم جو ڪاڏي ٽنڊو الهيار. اٽو چي گهوٻاٽو. ماضيءَ جي اڙيئي ٿڙئي ڪردار يا اڳواڻ جي پراڻي تعلق يا سندس سنهي ڪرڻ تي ڪم ڪار اهليت کان سواءِ سندن اسٽيٽس ۽ عهدو برقرار اهڙي پارٽي ۾ ڪو اهليت ۽ ڪم وارو ھوندو ته ڪونه پر جي ھوندو ته انهن کاتي چڙهيل سندي عهديدارن جي پويان ڪٿي آفيم جي موالي وانگر بيزاري مان جهوٽا ۽ وٽ سٽ پيو کائيندو ته اڳيان ويٺل همراهه بڪواس بند ڪري ته پارٽي جي ساک بچي. هن زور ڏيندي چيائين يار ڪامريڊ ڪنهن هڪڙي پارٽي جو سنڌ ۾ مثال ڏي جيڪا پارٽي سياسي پارٽي جي تشريح ۽ روح مطابق ڪم ڪندي هجي ان جا ادارا هجن انهن ۾ سياسي بحث مباحثي گڏيل اسپرٽ سان فيصلا ۽ انهن تي عمل ٿيندو هجي ڪو مالياتي صاف سٿرو آمدني ۽ خرچن جو سسٽم هجي ڪو معيار ۽ ڪم جي اهليت تي عهديدارن جي چونڊ جو سسٽم هجي ٿوري ۽ وڏي مدي واري ڪا مستقل مزاجي واري رٿابندي هجي باقي نالي رکڻ سان ڪا پارٽي ڪا نه هوندي آهي.. مون کيس چيو يار تون هاڻي بي لوث ڪارڪنن جي توهين ٿو ڪرين.. ته وڏا ٽهڪ ڏيندي چيائين ڪامريڊ ڪارڪن واھ واھ گهوٽ.. ٻوڙو ڄڃ وائڙي. مونکي يار سنڌ جي سمورين پارٽين کي ملائي ڪو ٽيھارو کن ڪارڪنن جا نالا ته ٻڌاءِ جيڪي انقلابي ڪارڪن جي تشريح تي پورا لهندا هجن زور ڏيندي چيائين ڪامريڊ منهنجو منهن نه کولرايو مان اڄ به سڄي سنڌ گهمان ٿو سڀني جي خبر آهي پنهنجي پنهنجي حد جا وڏي ۾ وڏا عوام آزار. سياسي ڄاڻ سماجي علم کان اڻ ڄاڻ سياسي ڪارڪن جو ته ڪردار ڪيڏو وڏو معتبر هوندو آهي پر هو ته عام سماجي. انساني ڪردار کان ئي پري آهن سندن سڄو ڏينهن سياسي ڪم ۽ ڪرت کان پري ذاتي غرضن ۾ هوندو آهي بس ڪڏهن اڳواڻ آيو ته ڪوڙين رپورٽن جو سهارو زندھ آباد. پنهنجي شهر ڳوٺ پاڙي جي غمي خوشي ۾ به ليڊر جي اچڻ تي شريڪ ٿين نه ته خير ٿيو ڪامريڊ ڪهڙي دور جي ڪارڪن جي ڳالھ ٿو ڪرين.
مون بحث کي کٽائڻ خاطر چيو فقير سمورن مسئلن جو حل صرف ۽ صرف سياست ۾ آهي ان ڪري توکي به عملي سياست ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. موٽ ۾ چيائين سموري جملي سان سهمت پر ان ۾ اهو اضافو ڪر ته صرف ۽ صرف مثبت سياست ۽ سياست جي نالي ۾ سياسي ڪاروبار ۽ ذاتي جياپي واري سياست نه پر وطن ۽ قوم جي جياپي جي عملي گهرجن جو پورائو ڪندڙ سياست
… هوت خان گاڏهي..

وڌيڪ پڙھو

عبدالڪريم گدائي صاحب جو ڪلام

عبدالڪريم گدائي صاحب جو ڪلام

چونڊ ۽ ترتيب عرض بنگلاڻي پھرين جولاءِ 1971ع تي ون يونٽ بابت لکيو ويو تنھنجا …