هالا ويجهو سڱاوتي تڪرار تان گهر تي حملوڇهه قتل. وارثن جو احتجاج

هالا ويجهو سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن، رند برادري جي گهرن تي حملو ڪري7 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ ۾ ٽي ڄڻا زخمي پڻ ٿي پيا.
سالارو ٿاڻي جي حد ڪچي جي علائقي کنڊو ۾ سڱاوتي تڪرار تان بروهي برادري جي هٿياربندن رند برادري جي گهرن تي رات جي وقت حملو ڪيو.
فائرنگ جي نتيجي ۾ ٽن عورتن سميت 6 ڄڻا قتل ٿي ويا ۽ هڪ عورت سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا.
جهيڙي دوران مارجي ويلن ۾ هڪ خاندان جا مرتضيٰ رند، ڀٽُو رند، مجنون رند، مسمات جادو، سمرين ۽ گلابي شامل آهن.
اطلاع ملڻ تي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي.
هوڏانهن مقتول جي وارثن پاران لاش قومي شاهراهه تي لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.
ايس ايس پي آصف ٻگهيو ڌرڻي واري هنڌ پهچي متاثر خاندان سان ڳالهيون ڪري خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪرايو.
ايس ايس پي مٽياري جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڌرين ۾ ڪيترئي عرصي کان سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو هلندڙ هو، جنهن دوران رات جو اونڌائي ۾ وجهه وٺي بروهي برداري جي هٿياربندن رند برادري جي گهر مٿان حملو ڪيو.
هن چيو ته افسوس ناڪ واقعو پيش آيو آهي، جنهن ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري سخت سزا ڏني ويندي

وڌيڪ پڙھو

ڪراچي ۾ راشن وٺڻ دوران ٺٽي جو نوجوان قتل

ڪراچي ۾ راشن وٺڻ دوران ٺٽي جو نوجوان قتل

ڪراچي جي سرجاني واري علائقي ۾ سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ پاران لڳايل امدادي ڪئمپ تي لائين …