هاءِ ڪورٽ 11 جون تائين اسپيڪر آغا سراج دُراني خلاف ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

 سنڌ هاءِ ڪورٽ 11 جون تائين اسپيڪر آغا سراج دُراني خلاف ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسپيڪر آغا سراج دُراني، سندس ڀاءُ مسيح الدين ۽ ٻين جوابدارن جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي ٿي. نيب جي جاچ آفيسر عدالت کي آگاهه ڪيو ته نيب چيئرمين طرفان آغا سراج دُراني ۽ ٻين جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، سڀاڻي احتساب عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويندو. آغا سراج دُراني ۽ ٻين جوابدارن خلاف جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي، جوابدارن اختيارين جو ناجائز استعمال ڪيو، غيرقانوني ڀرتيون ۽ ڪرپشن ڪئي، آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي حوالي سان به ثبوت حاصل ڪري ورتا آهن. ٻڌڻيءَ دوران آغا سراج دُراني جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سندس اصيل جيل ۾ آهي، اُن جي به ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وڃي، چيف جسٽس احمد علي شيخ ساڻس مخاطب ٿيندي چيو ته اڃا تائين مواد آيو ئي ناهي ته ٻڌڻي ڪيئن ڪريون؟ ڇا ٻڌنداسين ۽ ڪهڙي بنياد تي فيصلو ڪنداسين؟ ريفرنس داخل ٿي وڃي ته ضمانت درخواست تي به ٻڌڻي ڪري وٺنداسين. بعد ۾ عدالت نيب کي حڪم ڏنو ته آغا سراج دُراني ۽ ٻين خلاف 11 جون تائين ريفرنس احتساب عدالت ۾ داخل ڪيو وڃي

وڌيڪ پڙھو

شھيد سنڌ الطاف جسڪاڻي جي قتل ڪيس جو مک جوبدار اسلم رند گرفتار.

شھيد سنڌ الطاف جسڪاڻي جي قتل ڪيس جو مک جوبدار اسلم رند گرفتار.

شھيد سنڌ الطاف جسڪاڻي جي قتل جو مک جوابدار اسلم رند کي ٽنڊوالھيار پوليس گرفتار …