نيب ڪورٽ پاران فريال جو 9 ڏينھن جو رمانڊ-ڪورٽ وڪيلن کي آصف زرداري سان ملڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

نيب ڪورٽ پاران فريال جو 9 ڏينھن جو رمانڊ-ڪورٽ وڪيلن کي آصف زرداري سان ملڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

 اسلام آباد جي احتساب عدالت فريال ٽالپر کي 9 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو. نيب جي ٽيم طرفان انتهائي سخت سيڪيورٽي ۾ پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر کي اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، نيب اختيارين عدالت کي فريال ٽالپر جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي، جڏهن ته ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب سردار مظفر عدالت کي آگاهه ڪيو ته هاءِ ڪورٽ مان ضمانت رد ٿيڻ بعد فريال ٽالپر کي ڪالهه گرفتار ڪيو ويو، کيس سندس ئي رهائشگاهه تي رکيو ويو آهي، جعلي بئنڪ اڪائونٽس جي حوالي سان ريفرنس ۾ فريال ٽالپر مُک ڪردار آهي. نيب اختيارين عدالت کي آگاهه ڪيو ته گهر کي سب جيل قرار ڏيڻ بعد اُتي ٻن عورت اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو. فريال ٽالپر جي صحيح سان زرداري گروپ جي اڪائونٽ مان 3 ڪروڙ رُپيا اويس مظفر جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿيا. فريال ٽالپر ٻين جوابدارن سان گڏجي غيرقانوني طور مني لانڊرنگ ڪئي. عدالت نيب جي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ واري درخواست رد ڪندي فريال ٽالپر جو 9 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو، جڏهن ته کيس 24 جون تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. اُن کانسواءِ عدالت طرفان وڪيلن جي ٽيم کي جسماني رمانڊ دوران به فريال ٽالپر سان ملاقات ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي، جڏهن ته فاروق ايڇ نائڪ طرفان وڪيلن جي ٽيم کي آصف زرداري سان ملڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن کي به منظور ڪندي عدالت وڪيلن کي آصف زرداري سان ملاقات ڪرڻ جي اجازت ڏني

وڌيڪ پڙھو

عمران خان جي اڳواڻي ۾ لانگ مارچ شروع ٿيڻ وارو

عمران خان جي اڳواڻي ۾ لانگ مارچ شروع ٿيڻ وارو

تحريڪ انصاف طرفان اڄ اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ ڪيو پيو وڃي، لاهور جي لبرٽي …