نيب پ پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاھ کي گرفتار ڪري ورتو

 نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه کي گرفتار ڪري ورتو. نيب سندس گرفتاري جي تصديق ڪري ڇڏي.
نيب ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته پ پ ايم اين اي خورشيد شاهه کي اسلام آباد ۾ سندس بني گالا واري رهائشگاهه تي گرفتار ڪيو ويو آهي. نيب راولپنڊي ۽ سکر جي ٽيم سندس گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي. خورشيد شاهه کي راهداري رمانڊ وٺڻ لاءِ سڀاڻي سکر جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
خورشيد شاهه تي الزام ۽ جاچ
نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته خورشيد شاهه کي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ اڳواڻ تي ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ بنگلي لاءِ ايمنسٽي پلاٽ غيرقانوني طور پنهنجي نالي ڪرڻ جو الزام آهي، جڏهن ته هُن هوٽل، پيٽرول پمپس ۽ بنگلا پنهنجي فرنٽ مين سوڌو ٻين جي نالي ڪرايا. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ ۾ خورشيد شاهه تي لڳل الزام ثابت ٿيا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. خورشيد شاهه خلاف جاچ 7 آگسٽ تي شروع ڪئي وئي هئي.
خورشيد شاهه پيشي کان معذرت ڪئي هئي
نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب سکر طرفان خورشيد شاهه کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري معاملي جي جاچ جي سلسلي ۾ اڄ طلب ڪيو ويو هو، خورشيد شاهه نيب کي خط لکي پيش ٿيڻ کان معذرت ڪئي، خط ۾ خورشيد شاه چيو هو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس جاري رهڻ سبب هو پيش نٿو ٿي سگهي.

وڌيڪ پڙھو

آمريڪا سان لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي-شھباز شريف

آمريڪا سان لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي-شھباز شريف

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آمريڪا سان لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. سمورين …