نوڙت ۽ اخلاق جو مجسمو الطاف جسڪاڻي تحرير. حميد ميمڻ- ٽنڊوالھيار

نوڙت ۽ اخلاق جو مجسمو الطاف جسڪاڻي تحرير. حميد ميمڻ- ٽنڊوالھيار

الطاف جسڪاڻي جيڪو ڪجھ ڏينهن اڳ هڪ علاقائي تنظيم جو سرگرم ڪارڪن هو پر هاڻي ھڪ تحريڪ ۽ جدوجھد جو علمبردار ٿي ويو آھي۔سندس دردناڪ۔ بي وقتي موت هڪ صدمي جي لهر وڇائي ڇڏي آھي۔اهڙي صدمي جي لھر ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو صاحبه جي المين تي ٿي هئي بدقسمتي سان اهڙي ئي ڪيفيت هڪ دفعو وري اکين اڳيان آئي آھي ۔عمومن سنڌ ۽ خاص ڪري ضلعي ٽنڊوالھيار جي هر چاهيندڙ جي گهر ۾ قضيو محسوس ٿي رهيو هو۔ هر گهر ۾ پٿر پئجي ويو۔۔هر دل ڪومايل ۔۔۔هر چهرو مايوس۽ هر اک ڀنل نظر پي آئي۔چوندا آھن ته ماڻھون جي خبر سندس جنازي مان پوندي آھي الطاف جسڪاڻي جي جنازي سڀني سوالن جا جواب ڏئي ڇڏيا ته هي ڪيترو ظالم هو يا ڪيترن ئي مظلومن جو سھارو ۽ غريبن جو ھڏ ڏوکي هو۔اسانجي اها بدقسمتي آھي ته هن صوفين جي ڌرتي تي برداشت ختم ٿيندي پئي وڃي معاشرو ٻن انتهائين تي وڃي پهتو آھي هڪ طرف محبت جي انتها ته ٻي طرف نفرت جي انتها ٿي وئي آھي وچ واري رواداري ختم ٿيندي پئي وڃي ۔خدارا نفرت کي ننديو۔ نفرت کي ايترو ويجھو اچڻ نه ڏيو۔ سڀني کي هن ڌرتي تي ئي رهڻو آھي۔منهنجو الطاف جسڪاڻي سان ڪڏھن به ويجھو تعلق نه رهيو آھي مون هن کي ڏهاڪو کن سال اڳ هڪ جلوس جي قيادت ڪندي پهريون ڀيرو ڏٺو هو سندس نالو ته گھڻوئي ٻڌل هو۔ دل ۾ اتساه به هو ته کيس ڏسان ان اتساه مونکي ايترو مجبور ڪيو جو ايندڙ جلوس جيڪو منهنجي گهر وٽان لنگھڻ وارو هو ان لاء بيهي ان جو انتظار ڪريان جڏهن جلوس لنگھيو ته مون کيس سڃاڻپ نه هوندي به هٿ کڻي ساڻس يڪجهتي جو اظھار ڪيو۔سندس سنڌ جي مسئلن تي ڪيل جدوجھد کي ھميشه سلام رھندو۔

جيم خانه جو ميمبر ٿيڻ

جڏھن آئون سيڪريٽري ٽنڊو الھيار جم خانه هئس ته هڪ ڏينهن مون وٽ الطاف جسڪاڻي جي ميمبر شپ جي درخواست آئي رات جو معمول مطابق ڪجھ عهديدار آيل هئا انهن سان ان درخواست جو رواجي طور تذڪرو ڪيم محسوس ڪيم ته ويٺلن مان ڪجھ عهديدار خاموش ٿي ويا نيٺ محدود پئماني تي ڊسڪس ٿيو ۽ خلاف معمول اهو طئي ٿيو ته آئينده MC جي ميٽنگ ۾ ان تي ڳالهائينداسين۔هفتي کن ۾ پروگرام مطابق MCجي ميٽنگ شروع ٿي پهرين ايجنڊا تي رکيل ڪم اڪلايا ويا انکانپوء الطاف جسڪاڻي جي ميمبرشپ جي درخواست زير بحث آئي ۔ بحيثيت سيڪريٽري جم خانه مون اها Moveڪئي ۽ سڀني کان رايا ورتا ويا ڪجھ ميمبرن هن جي ميمبر ٿيڻ تي پنهنجا تحفظات ڏيکاريا ته هن شخص جي شھر ۾ ريپوٽيشن سٺي نه آھي ۽ سندس پارٽي جي شدت پسندي تي سوال اٿيا وغيره۔ان لاء مون پنهنجي راء ڏني ته جم خانه ۾ سڀني سياسي پارٽين ۽ لساني تنظيمن جا عهديدار به ميمبر آھن هر ڪنهن جو سياسي جدوجهد ۾ حصو رهيو آھي سياسي طور تي انھن کي هڪ طبقو پسند ڪري ٿو ته ٻيو طبقو ناپسند ڪري ٿو۔ دلائل طور انکي جواز نٿو ٺاهي سگھجي وغيره۔جڏهن سرپرست اعلي پير نورمحمد شاه کان راء ورتي وئي ان چيو جيڪڏهن اسان ٻين پارٽين عهديدارن جي هوندي هن کي ميمبر نه ڪيو ته ان جو سٺو ميسج نه ويندو ٿي سگھي ٿو ته اڳيان کان ري ايڪشن به اچي ته ٻين پارٽين جا ورڪر ته ٺھيو عهديدار به ميمبر آھن ته پو اسان ڇو نه؟۔ان لاء بهتر آھي ته ان مسئلي کي خوش اسلوبي سان حل ڪري کيس ميمبر ٿيڻ جي اجازت ڏيون ته جيئن سڀني طبقن لاء اطمينان ٿئي۔مختصر بحث کانپوء اعتراض ڪندڙن پير نورمحمد شاه جي شخصيت ۽ سرپرست اعلي جي حيثيت ۾ سندس دلائلن کان متاثر ٿي ان مسئلي کي حل ڪرڻ تي متفق ٿيا ۔اهڙي طرح اتفاق راء سان الطاف جسڪاڻي کي ميمبر ڪرڻ جي درخواست قبول ڪئي ۽ رسمي ڪارروائي لاء آفيس موڪلي ويئي۔ميمبر ٿيڻ کان پوء مون ڏٺو پي ته الطاف جسڪاڻي پنهنجي بليڪ ڪلر جي ڪار ۾ شام جو 6وڳي ڌاري جم خانه ايندو هو پنهنجي گاڏي جاگنگ ٽريڪ جي پاسي ۾ بيهاري اتي ئي جاگنگ ڪندو هو۔۽ بنان ڪنھن سان ملڻ جي خاموشي سان واپس ھليو ويندو ھو۔ان وقت اسان عهديدار کليل ميدان ۾ ڪرسيون رکي آفيس هلائيندا هئاسين الطاف جسڪاڻي جو اهو معمول هوندو اچڻ مهل ۽ واپس وڃڻ مهل پري کان ئي مونکي هٿ ٻڌي سلام ضرور ڪندو هو ۔هن شخص ڪڏهن به جم خانه بلڊنگ اندر پير نه پاتو ۔سندس شخصيت جي حوالي سان جن MC ۾ مخالفت ڪئي هئي انهن مان هڪ شخص ڪجھ وقت کانپؤ مونکي چئي ڏنو هي ته با اخلاق ۽ شريف انسان ٿو لڳي اسان ته ڏاڍا متفڪر هئاسين۔

الطاف جسڪاڻي جو اخلاقي ڪردار

عبدالستار لاشاري جي وفات تي سندس ٽيجھي جي ماني ۾ شرڪت ڪرڻ لاء سندس ڳوٺ ويس آئون جيئن ئي اوطاق ۾ اندر داخل ٿيس ته ڏٺم پريان ٿلهي تي تعزيت ڪرڻ وارن جي رش لڳل هئي مون ڏٺوته الطاف جسڪاڻي اٿيو ويٺل ماڻھن مان جڳھ ٺاھيندو مون تائين پهتو ۽مونکي پاڻ سان ساڻ ڪري ستار لاشاري جي پٽ جاويد لاشاري جي پاسي ۾ ويهاريائين ۽ پاڻ به مونسان گڏ ويهي رهيو منهنجو فرزند اظھار حميد به مونسان گڏ هو۔ پهريون ڀيرو ان موقعي تي ڪجھ ماحول مطابق حال احوال ڪيوسين منهنجي ساڻس زندگئ ۾ اهائي تفصيلي ملاقات هئي۔ڪلاڪ کن کان پوء واپسي لاء جيئن گاڏي ۾ ويٺس پويان ڏٺم ته الطاف جسڪاڻي به پنهنجي گاڏي ۾ پويان اچي رهيو آھي ٿورو اڳتي هلي پنهنجي پٽ اظھار کي چيم ته گاڏي سائيڊ تي هلائي ۽ انڊيڪيٽر ڏي ته الطاف جسڪاڻي گاڏي ڪڍي وڃي ڪافي رستو سائيڊ ڏيڻ جي باوجود پاڻ گاڏي اڳيان نه ڪيائين ۽ مسلسل فاصلي سان پويان ئي ايندو رهيو سوچيم پئي ته رات جي ويراني جي ڪري مونکي سيفٽي ڏيڻ خاطر پويان اچي رهيو آھي۔ جڏهن گاڏي قٻه اسٽاپ کان مئن روڊ تي چڙھي ته مون اظھار کي چيو بابا گاڏي روڪي ڀاءالطاف کي چئو ڀلي اڳيان نڪري وڃي اظھار گاڏي پاسي تي بيهاري هيٺ لهي کيس پريان کان اشاري سان اڳيان وڃڻ لاء چيو جنهن تي هن آڱر سان اشارو ڪري چيو ته آئون اڳيان نه ٿيندس توهان اڳيان هلو آئون پويان اچان پيو۔ايئن ئي هلندي اسين ڪيريا شاخ تي پهتاسين شيشي مان پويان ڏٺم ته سندس ڪار جو انڊيڪيٽر باء پاس ڏانهن وڃڻ جو اشارو ڏئي رهيو هو مونکي شھر ڏانهن وڃڻو هو مون دري کولي هٿ ٻاھر ڪڍي سندس قربت جو شڪريو ادا ڪيو پاڻ گاڏي جو هارن وڄائي ۽ لائيٽ جا فليش ڏئي باء پاس تي چڙھيو۔مونکي سندس اهو اخلاق زندگي ڀر نه وسريو آھي ۽ نه ئي وسرندو منهنجو ساڻس زندگي ڀر ڪو به تعلق نه رهيو آھي ڪڏهن به ڪنهن غمي يا خوشي ۾ نه مليا آھيون جم خانه ۾ پريان کان روزانو اچڻ وڃڻ مھل موڪلائڻ ۽ عبدالستار لاشاري واري پٿر تي ڪجھ منٽن جي ملاقات کانسواء ڪو به واسطو نه رھيو هو ۔ پر پوء هي ڇا هو !! ايڏو ادب ۽ احترام ڪرڻ سندس شخصيت جي اعلي اخلاقي اقدار جو لاجواب مظاھرو ھو۔اڄ به اھو ئي سوچيم پئي ته جڏھن ھن پنھنجي گاڏي جو انڊيڪيٽر باء پاس ڏانھن وڃڻ لاء ڏنو ھو انھي ساڳئي باءپاس جي چڙھائي تي سندس انت آندو ويو۔سندس گاڏي جو ھارن وڄائڻ ۽ لائيٽ جو فليش ڏيئي موڪلائڻ جيسين حياتي آھي نه وسرندو۔

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *