نوشهروفيروز ضلعي جي جسقم ۽ جساف جي ڪارڪنن پاڪستاني جهنڊا هٿن ۾ کڻي جسقم تان استعيفيٰ ڏيڻ جواعلان

 نوشهروفيروز ضلعي جي جسقم ۽ جساف جي ڪارڪنن پاڪستاني جهنڊا هٿن ۾ کڻي قومپرست پارٽي تان استعيفيٰ ڏئي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. انهي سلسلي ۾ جسقم ضلعي صدر امام بخش عمراڻي، جساف ضلعي نوشهرو فيروز جي صدرعاشر راڄپر۽ درياهه خان مري جي ٻين ڪارڪنن زاهد عمراڻي، عبدالهادي عمراڻي، ذاڪر حسين عمراڻي، عبدالجبار وڳڻ ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان پنهنجي حياتي جا قيمتي ڏهاڙا قومپرست پارٽي ۾ رهي ڪري فضول وقت گذاريو ۽ اسان جو مرڻ جيئڻ هاڻي پاڪستان سان آهي ۽ اسان جو پاسپورٽ، شناختي ڪارڊ اسان جي سڃاڻپ پاڪستان آهي ۽ اسان اڄ کان پوءِ ڪنهن به قومپرست پارٽي سان گڏ ڪم نه ڪنداسين

وڌيڪ پڙھو

سن ۾ سائين جي ايم سيد جي ورسي جي دوران گرفتار ٿيلن جي ضمانت منظور

سن ۾ سائين جي ايم سيد جي ورسي جي دوران گرفتار ٿيلن جي ضمانت منظور

حيدرآباد: دهشتگردي جي انت واري عدالت قومپرست پارٽيز سان واسطو رکندڙ 87 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن …