نوري آباد ويجهو وين سان حادثو13 مسافر فوت پنج زخمي

نوري آباد ويجهو وين سان حادثو13 مسافر فوت پنج زخمي

نوري آباد ويجهو مسافر وين کي حادثي بعد باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 13 مسافر اجل جو شڪار ۽ 5 زخمي ٿي پيا، وڏي مراد علي شاهه ۽ ٽرانسپورٽ وارَي وزير اويس قادر شاهه واقعي جو نوٽيس وٺي رپورٽ طلب ڪري ورتي. جوکيا موڙ وٽ حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ مسافر وين ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن کي باهه لڳي وئي. باهه واقعي جي اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن پهچي حادثي جي فوتين ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو . موٽر وي ترجمان موجب سڙي تباهه ٿي ويل وين مان 13 لاش ۽ 5 زخمين کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ معصوم ٻار کي به زخمي حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو، وين ۾ 18 مسافر سوار هئا. ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي صوبائي وزير اويس قادر شاهه چيو ته تيز رفتاري سبب ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب وين سان حادثو پيش آيو، موٽروي جون ٽيمون دير سان پهتيون. اويس قادر شاهه چيو ته وينن مان سلينڊرز ڪڍڻ لاءِ مهم هلائڻ سان گڏ سخت ڪارروايون جاري آهن، نوري آباد سانحي جَي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي پاسي چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر ڪراچي ۽ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاهه، سيڪريٽري صحت کي زخمين کي فوري طور طبي سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

وڌيڪ پڙھو

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ لڳو

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ لڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *