نواز شريف جي تازي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل- مريم نواز جي وائرل ڪندڙن تي تنقيد

نون ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته مخالفن طرفان نواز شريف جي تصوير وائرل ڪرڻ جو مقصد مشهوري نه پر تذليل هو، کين تڪليف آهي ته نواز شريف کي طاقت جي انڌي استعمال باوجود نقصان ناهي پهچائي سگهيا، اهو ايڏو ئي نيڪ ڪم هو ته پوءِ ڊڄڻن جيان لِڪِي ڇو ڪيو ويو؟. مريم نواز ٽوئيٽر تي نواز شريف جي تازي تصوير مٿان تنقيد بعد ردعمل جاري ڪيو.مريم نواز چيو ته والد نواز شريف جي تصوير وائرل ڪندڙن جو مقصد مشهوري نه پر تذليل هو، اهو ڪم ايڏو نيڪ هو ته بزدلن جيان لڪي ڇو ڪيو ويو.هن چيو ته آءِ سي يو ۾ سندس امڙ جي تصوير ڪڍڻ جي ڪوشش ٿي هئي، انهن ماڻهن لاءِ نواز شريف جي نياڻين جي تصوير ڪڍڻ ڏکيو ناهي . مريم نواز چيو ته مخالفن کي سمجهه ۾ اچڻ گهرجي ته اهڙي حرڪتن سان اهي پنهنجو ئي نقصان ڪن پيا.نون ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو ته مخالفن کي تڪليف آهي ته اهي نواز شريف کي طاقت جي انڌي استعمال باوجود نقصان ناهي پھچائي سگھيا.

وڌيڪ پڙھو

پاڪستان جي اڪثر علائقن ۾ سوشل ميڊيا جون مختلف ويب سائيٽ بند ڪيون ويون

پاڪستان جي اڪثر علائقن ۾ سوشل ميڊيا جون مختلف ويب سائيٽ بند ڪيون ويون

پاڪستان جي اڪثر علائقن ۾ ملڪي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سماجي رابطن جون مختلف …