نواب ولي محمد ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن جو سنڌ جي وحدت خلاف سازشن خلاف احتجاجي مظاھرو

نواب ولي محمد ۾ ڪراچي مٿان ڪاھ خلاف ايس ٽي پي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو احتجاجي مظاهرو سنڌ جي راڄڌاني وفاق جي حوالي ڪرڻ جي سازش خلاف ڪارڪن ضلعي نواب شاھ جي صدر جي اڳوڻي ۾ پريس ڪلب نواب ولي محمد اڳيان احتجاجي مظاهرو ايس ٽي پي ضلعي صدر نثاراحمد ڪيريو، ضلعي جنرل سيڪريٽري رفيق ملاح، ضلعي رابطا سيڪريٽري ڏاڏو عثمان ٻگھيو، تعلقه قاضي احمد صدر خادم حسين رند، تعلقه جنرل سيڪريٽري زاهد حسين چانڊيو، نور محمد مگسي، خيرل سنڌي، بشير احمد جوکيو، خادم حسين سنگهراه، محمد اڪرم رند، الهبچايو رند، علي نواز بروهي، لعل ڏنو ڀنڀرو، ايس ٽي پي هائوس کان احتجاجي ريلي ڪڍي ريلي شهر جي مختلف چونڪن کان ٿيندي شاهي بازار پهتي ته جلوس جي صورت اختيار ڪري وئي بعد ۾ پريس ڪلب نواب ولي محمد اڳيان ڌرڻو هنيو مظاهرين کي ڄاڻايل اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته متحده سان لاڳاپيل قانون وارو وزير فروغ نسيم کي چتاءُ ٿا ڏيو ڪراچي پري جي ڳالهه ڪراچي شهر جي هڪ گهٽي تي به الڳ ڪري سگهي جيستائين هڪ به سنڌي زنده هوندو تيستائين سنڌ دشمن سازشن کي ڪامياب ٿيڻ ڪون ڏينداسين

وڌيڪ پڙھو

لاھور واقعي بعد مذھبي جماعتن جي سڏ تي ملڪ جي مختلف شھرن ۾ ھڙتال

لاھور واقعي بعد مذھبي جماعتن جي سڏ تي ملڪ جي مختلف شھرن ۾ ھڙتال

 لاهور واقعي بعد مذهبي جماعت جي سڏ تي ملڪ جَي مختلف شهرن ۾ شٽر بند …