نواب شاھ ۾ پبلڪ پارڪ تي قبضي خلاف ايس ٽي پي جو احتجاجي مظاھرو

نواب شاھ ۾ پبلڪ پارڪ تي قبضي خلاف ايس ٽي پي جو احتجاجي مظاھرو

ايس ٽي پي ضلع نواب شاھ جي سڏ تي حڪومتي ڌرجي ڇاڙتن پاران عوامي پارڪ لب گجراواھ تي قبضوڪري ھوٽل ٺاھڻ خلاف تحريڪ جي ٻئي مرحلي ۾ ايس ٽي پي تعلقي صدر محترم شاھنواز ڪيريو ، ٻڍل مگسي ، سيد رستم شاھ جي اڳواڻي ۾ ترقي پسند ھائوس کان سوين ماڻھن جي ريلي ڪڍي شھر جي مختلف چوڪن ٿيندي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو جتي Stpاڳواڻن خطاب ڪندي چيو ت ايس ٽي پي طرفان مسلسل عوامي پارڪ لب گجراواھ تي ٿيل قبضي خلاف ۽ قبضي خورن جي گرفتاري لاء مسلسل ڏھن ڏينھن کان تحريڪ جاري آھي پر ھتان جي انتظاميا DC۽ SSPبلڪل خاموش تماشائي بڻيل آھن ۽ ھنن جي ڪنن ۾ اڃان تائين ڪپھ ڀريل آھي ۽ قبضي ڪندڙن سان ڳٽ جوڙ بڻيل آھي ڇو ت ھتان جا آفيسر وڏي درٻار جا سلامي ڀريندڙن غلام آھن پر اسان ھنن جي ڪنن مان ڪپھ ڪڍڻ ڄاڻون ٿا ۽ اعلا ادارن کان اھو مطالبو ٿاڪريون ت فوري طور تي عوامي پارڪ لب گجراواھ تان قبضو ختم ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ ايس ٽي پي ضلع طرفان تحريڪ کي سخت ڪندي جيڪو ب فيصلو ٿيو تعلقي طرفان لبيڪ ھوندو ڀرپور حمايت ڪري جدو جھد کي اڃان وڌيڪ تيز ڪيو ويندو ۽ ان جا ذميوار ھتان جي انتظاميا DC۽ SSpھوندا جيڪي ٻئي اگھور ننڊ ستل آھن

وڌيڪ پڙھو

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ لڳو

ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ لڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس کان پوءِ ڪانگو وائرس شهرين کي متاثر ڪرڻ …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *