نواب شاھ ۾ ايس ٽي پي جي مھنگائي ۽ عوام دشمن بجيٽ خلاف شاندار احتجاجي ريلي

ايس ٽي پي تعلقي نوابشاھ طرفان مرڪزي سڏ تي مھانگائي ۽ عوام دشمن بجيٽ خلاف ترقي پسند ھائوس کان ھزارين ماڻھن جي شاندار ريلي مرڪزي اڳواڻ محترم سيد اطھر علي شاھ ضلعي صدر محترم نثارعلي ڪيريو تعلقي صدر محترم شاھنواز ڪيريو جي اڳواڻي ۾ شھر جي مک چوڪن کان ٿيندي پريس ڪلب پھتي جتي  اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ حڪمرانن جي نااھلي سبب ملڪ اندر مھانگائي چوٽ چڙھي وئي آھي مٿان عوام مٿان ٽيڪسن جو بار اڇلائي سندن جيئڻ جنجال ڪيو ويو آھي. ھنن چيو تہ ھن ڌرتي قدرت ھر نعمت سان مالا مال ڪيو آھي معدنيات کان ويندي زراعت تائين سڀ ڪجھ ملي ٿو پر ڌرتي ڌڻي بک بدحالي جو شڪار آھن. خوڊڪشيون ڪن پيا. ھنن چيو ھاڻي اسان ماڻھن کي سجاڳ ٿيڻو پوندو. اسان کي دوست دشمن جي سڃاڻپ ڪرڻي پوندي.

وڌيڪ پڙھو

ميرپورخاص ۾ ايس ٽي پي اڳواڻ گلزار سومرو جي اڳواڻي ۾ نمرتا جي خون سان انصاف جي لاءِ ٻئي ڏينهن احتجاج جاري

سنڌ ترقي پسند پارٽي ميرپورخاص طرفان ڊاڪٽر نمرتا ديوي لاء شروع ڪيل ٽي روزہ علامتي …