نوابشاھ ۾ ڊاڪٽرقادرمگسي جي اڳواڻي ۾ نمرتا جي خون کي انصاف ڏيارڻ جي لاءِ بک ھڙتال

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي پاران نوابشاھ ۾ ڊاڪٽرنمرتا جي خون کي انصاف ڏيارڻ جي لاءِ شروع ڪيل ٽن ڏينھن واري بک ھڙتال جي آخري ڏينھن تي سنڌ ترقي پسندپارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽرقادرمگسي جي اڳواڻي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن ۽ سوين ڪارڪنن بک ھڙتال ڪئي جنھن ۾ ڊاڪٽرعبدالحميد مميڻ ، الطاف جسڪاڻي، گلزار سومرو، ھوت خان گاڏھي، ڊاڪٽر سومار مڱريو محمد علي ابڙو، اطھر شاھ ڄام شوڪت ابڙو گوتم چنا خدابخش درس نصرت حسين چنا،حيدرملاح، نثارڪيريو سميت ضلع تعلقي اڳواڻ ڪارڪن شريڪ ٿيا ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽرقادرمگسي چيو تہ نمرتا جهڙا واقعا سنڌ جي نياڻين جي تعليم کي روڪڻ جو سبب بنجي سگهن ٿا انڪري جيستائين نمرتا جي رت سان انصاف نه ٿيندو تيستائين سنڌ ترقي پسند پارٽي پنهنجي جدوجهد جاري رکندي هن چيو 16 17 18 ڊسمبر تي ايس ٽي پي پاران حيدرآباد پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪيئمپ قائم ويندي

وڌيڪ پڙھو

سنڌ جي بجيٽ پيش، پگهار ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ

سنڌ جي بجيٽ پيش، پگهار ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي 1714 ارب …