نوابشاھ ٽيئن ڏينهن به ايس ٽي پي جي پبلڪ هيلٿ آفيسر خلاف احتجاجي بک ھڙتال جاري

نوابشاھ جي پبلڪ هيلٿ آفيسر راشد آرائين پاران پاڻي بند ڪرڻ خلاف ايس ٽي پي طرفان اڄ ٽئين ڏينهن به احتجاج جاري راشي آفيسر کي هٽائڻ جو مطالبو
تفصيل موجب: نوابشاھ پبلڪ ھيلٿ جي ڪرپٽ راشي ايس ڊي او سجاد آرائين پاران ھلندڙ واٽر سپلائي اسڪيم ڳوٺ فقير جي کوھي ديوان ڪوڙو مل اسڪيم کي تالا ھڻي بند ڪرڻ خلاف ايس ٽي پي پاران اڄ ٽئين ڏينهن به ضلع صدر محترم نثار ڪيريو صاحب ناري تحريڪ ضلع اڳواڻ ادي انيلا رفيق ملاح تعلقي صدر شاهنواز ڪيريو ٻڍل مگسي رستم شاھ ٻڊهل مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي اڳواڻن چيو ته پبلڪ هيلٿ جي راشي ڪرپشن خور ايس ڊي او سجاد آرائين پاران واٽر سپلائي کي بند ڪري مختلف علائقن ڳوٺن ۾ ويندڙ پاڻي کي بند کي ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي اسان سخت مذمت ڪيون ٿا ۽ اعلي عملدارن کان گهر ٿا ڪريون ته بند ڪيل واٽر سپلائي کي کولي ڳوٺن تائين پاڻي پهچايو وڃي ۽ واٽر سپلائي جي راشي ايس ڊي او سجاد آرائين کي معطل ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو ويندو

وڌيڪ پڙھو

سنڌ جي بجيٽ پيش، پگهار ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ

سنڌ جي بجيٽ پيش، پگهار ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي 1714 ارب …