
نواب شاهه ڀرسان آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي گرفتاري خلاف مظاهري دوران پيرسن ورڪر فوت ٿي ويو. سنڌ ۽ پنجاب کي ملائيندڙ قومي شاهراهه تي دولتپور باءِ پاس وٽ پ پ ڪارڪنن طرفان آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي گرفتاري خلاف مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. لڱ ساڙيندڙ گرميءَ ۾ مظاهري دوران 55 ورهين جو پيرسن محمود ڏاهري فوت ٿي ويو. جنهن جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.