نوابشاھ ايس ٽي پي اڳواڻ جي ڀائيٽي تي حملو ڪندڙن جا جوابدار گرفتار نہ ٿيڻ خلاف ايس ٽي پي پاران احتجاج- ڪئمپ قائم

نوابشاھ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران تعلقي اڳواڻ ٻڍل مگسي جي ڀائيٽي تي قاتلاڻي حملي جي جوابدارن ڳرفتاري ۽ بالوقبا جي ايس ايڇ او جي معطلي لاء ايس ٽي پي مرڪزي اڳواڻ سيد اطھر شاھ ضلعي صدر نثار ڪيريو جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن ساٿين جو پريس ڪلب نوابشاھ جي سامھون احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي ان موقعي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو تہ ايس ٽي پي تعلقي اڳواڻ بڌل مگسي جي ڀائيٽي تي حملو ڪندڙ جوبدارن کي پوليس مقامي وڏيرن جي سرپرستي ۾ ڌر بنجي رھي آھي. جوابدارن خلاف ڪنھن بہ قسم جي ڪاروائي نہ ڪئي وئي آھي. ھنن الزام ھڻندي چيو تہ حد جو ايس ايڇ او جوبدارن جي ڌر بڻيل آھي کيس فوري طور معطل ڪري جوبدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. ھنن چيو تہ اسان پنھنجو احتجاج تيستائين جاري رکنداسين جيستائين اسان جا مطالبا تسليم ڪيا نٿا وڃن. ان موقعي تي ايس ٽي پي جا اڳواڻ رفيق ملاح، رستم شاھ، ٻڌل مگسي،عبدالقادر جيلاني سميت ٻيا اڳواڻ موجود ھئا. 

وڌيڪ پڙھو

Kiwi Basecamp, Christchurch

Of course, the wahoo factor is determined by the paper you employ. On my Col-o-dex …