سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽرقادر مگسي ميرپورماٿيلو پهچي نمرتا جي پوئينرن سان تعزيت ڪئي ان موقٿي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته نمرتا جي واقعي تي سڄي سنڌ ڏکاري آهي ۽ سوڳوار بڻيل آهي. هن چيو ته آئون وارثن کي يقين ٿو ڏياريان ته جيستائين نمرتا جي ڪيس سان انصاف نه ٿيندو تيستائين اسان جدوجهد جاري رکنداسين هن چيو ته نمرتا جي معاملي کي ڪو نئون رخ ڏيڻ ۽ ڊراما ڪرڻ بدران شفاف جانچ ڪري حقيقتن جي بنياد تي قانون تحت عمل ڪيو وڃي
