نمرتا جي خون سان انصاف نه ٿيو ته وزير اعلي خلاف ڪيس داخل ڪرائينداسين قادر مگسي

ڪراچي پ ر
ڊاڪٽر نمرتا کي انصاف ڏيارڻ لاء آيس ٽي پي چيئرمين محترم ڊاڪٽر قادر مگسي صاحب جي اڳوڻي ۾ احتجاجي ڪئمپ لڳائي وئي جنھن کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو 16 سيپٽمبر تي اصفا ڊينٽل ڪاليج ۾ ڊاڪٽر نمرتا ھنڌو ڇوڪري قتل ڪئي وئي.
چيف جسٽس ھاء ڪورٽ سنڌ سيشن جج جي اڳواڻي۾ عدالتي ڪميشن قائم ڪئي جنھن ٻن مھنن م رپورٽ تيار ڪئي نمرتا ڪيس م ڪو حڪومتي بااثر ڪارندو شامل آهي ڊاڪٽر نمرتا جو خون منھنجو انساني شعور چوي ٿو ته ان کي قتل ڪيو ويو آهي ان جي قتل م ڪنھن با اثر جو ھٿ آھي ان ڪري ايس ايس پي لاڙڪاڻو خاموش آهي انڪوائري ٿئي ٿي تہ وزير اعلا ان کي ظاھر ڪرڻ جي ھمٿ جرئت نٿو ڪري ھي سڀ ڳالھيون گوائي ڏين ٿيون تہ ڪي بااثر ماڻهو جيڪي سالن کان يونيورسٽين کي عياشي جا اڏا ٺاھي ويٺا اھن وائيس چانسلرن جا ريسٽ ھائوس حڪومتي وزيرن لاء نچڻ ڳائڻ جا ۽ عياشين جا مرڪز بنيل اھن جتي ڇوڪرين جي عزت محفوظ ڪونھي.
اڄ آئون ڪراچي پريس ڪلب تي اعلان ٿو ڪريان تہ نمرتا جيپال جي نياڻي نہ ھئي نمرتا منھنجي نياڻي آھي اسان ان جو ناحق خون ڪندڙ قاتل جي گرفتاري تائين جدوجھد جاري رکنداسين جيڪڏھن ان جي رپورٽ پڌري نہ ڪئي وئي تہ 4 جنوري 2020 آئون ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي آفيس وڪيلن جو وفد ۽ شھر جا ماڻھون وٺي ويندس سي ايم مراد علي شاھ تي قاتلن کي فيسليٽيٽ ۽ لڪائڻ جو ڪيس داخل ڪرائينداسين.
ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس جي ذميواري آھي تہ ان عدالتي ڪميشن جوڙي سيشن جج کان انڪوائري ڪرائي رپورٽ تيار ڪرائي سا وزير اعلا کي حڪم ڪري تہ رپورٽ عوام اڏو پڌري ڪئي وڃي نمرتا ڪيس جي رپورٽ ڪا حمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ نہ آهي جنھن۾ ملڪ جا مفادات شامل ھجن وفاقي معاملات ھجن ھي ھڪ معصوم بي گناھ عام ڇوڪري جو قتل آھي.
مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، گلزار سومرو پڻ خطاب ڪيو.
ان موقعي تي ڊاڪٽر سومار مڱريو، محمد علي ابڙو، ڊاڪٽر نواز گاھوٽي، ڄام شوڪت علي ابڙو، خير محمد مگسي، گوتم چنا، مبارڪ ڀٽي، نصرت حسين چن ڪراچي ڊويزن جا اڳواڻ ڪارڪنن ناري تحريڪ جون اڌڙين سميت مختلف مڪتبي فڪر جا ماڻھون پريس ڪلب ڪراچي اڳيان احتجاجي ڪيمپ تي موجود ھئا.

وڌيڪ پڙھو

شھداد ڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جو بدامني جي خلاف احتجاجي مظاھرو

شھداد ڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جو بدامني جي خلاف احتجاجي مظاھرو

شھدادڪوٽ:شھر ۾ وڌندڙ بدامني، موٽر سائيڪلن جي چوري، گھرن مان ڦرن ۽ ڌاڙن خلاف سنڌ …