سنڌ جي ڏاهي عطا محمد ڀنڀور جي هڱورجا ۾ جنازي نماز بعد تدفين، وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شرڪت، ڳوٺ بچل ڀنڀرو ۾ عطا محمد ڀنڀرو جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ سياسي سماجي ۽ قومپرست اڳواڻن سوڌو اديبن به شرڪت ڪئي، جنازي نماز بعد عطا محمد ڀنڀرو جي تدفين ڪئي وئي. ۽ قبر مٿان سندس وصيت مطابق رنجيرون لڳايون ويون، ڪتبو پڻ لڳايو ويو جنھن تي سندس وصيت مطابق جملا لکيا ويا
