ناليوارو سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان لاڏاڻو ڪري ويو

ناليوارو سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان لاڏاڻو ڪري ويو

محسن پاڪستان ۽ ناليوارو ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان 85 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي ڦڦڙن ۾ تڪليف سبب اسپتال نيو ويو هو، جتي هو حقيقي مالڪ سان وڃي مليو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي صبح تقريبن 6 وڳي ڪي آر ايل اسپتال نيو ويو، جتي سندس طبعيت وڌيڪ خراب ٿي وئي هئي، ڊاڪٽرن کيس بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر صبح 7 لڳي 4 منٽن تي هو لاڏاڻو ڪري ويو.

ڊاڪٽر عبدالقدير خان 1936 ۾ ڀارت جي شهر ڀوپال ۾ پيدا ٿيو ۽ ورهاڱي کانپوءِ 1947 ۾ پنهنجي گهرڀاتين سان گڏ هجرت ڪري پاڪستان آيو.

هن انجنيئرنگ جي ڊگري 1967 ۾ نيدرلينڊ جي هڪ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي ۽ بيلجيئم جي هڪ يونيورسٽي مان ميٽلرجيڪل انجنيئرنگ ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ڪئي، پوءِ هن ايمسٽرڊيم ۾ فزيڪل ڊائنامڪس ريسرچ ليبارٽري جوائن ڪئي.

مئي 1998 ۾ پاڪستان ڀارتي ايٽم بم جي تجربي کانپوءِ ڪامياب تجربو ڪيو، جنهن جي نگراني ڊاڪٽر عبدالقدير خان ئي ڪئي هئي.

پاڪستان جو ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان پهريون پاڪستاني آهي، جنهن کي 3 صدارتي ايوارڊز سان نوازيو ويو.

ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي ٻه ڀيرا نشان امتياز به ڏنو ويو، ان کانسواءِ کيس هلال امتياز سان به نوازيو ويو.

وڌيڪ پڙھو

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس احمد علي شيخ ايڊهاڪ جج طور حلف کڻڻ جي لاءِ اسلام آباد نه ويو

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس احمد علي شيخ ايڊهاڪ جج طور حلف کڻڻ جي لاءِ اسلام آباد نه ويو

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ سپريم ڪورٽ جَي ايڊهاڪ جج طور …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *