مھينگائي خلاف ايس ٽي پي احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو-سينٽرل باڊي جي اجلاس ۾ فيصلا

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي باڊي جو اجلاس پارٽي چئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ۾ ترقي پسند هائوس حيدرآباد تي ٿي گذريو. اجلاس ۾ ڄام عبدالفتاح سميجو، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، گلزار احمد سومرو، هوت خان گاڏهي، قادر چنا، ڊاڪٽر سومار مڱريو ۽ محمد علي ابڙو شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سياسي تنظيمي صورتحال تي ويچاريندي فيصلو ڪيو ويو ته هن ملڪ جي حڪمرانن وٽ عوام جي ڀلائي جو ڪو به پروگرام رٿيل ناهي. البت مهانگائي جو عذاب عوام تي نازل ڪيو ويو آهي. حڪمرانن وٽ معاشي پاليسي درست نه هئڻ سبب عوام بيروزگاري بک ۽ بدحالي جي حوالي ٿيل آهي. انڪري فيصلو ڪيو ويو ته 2 جولاءِ کان سڄي سنڌ اندر سمورن تعلقن ۾ احتجاج شروع ڪيو ويندو ۽ آگسٽ ۾ حيدرآباد اندر مرڪزي احتجاجي جلسو ڪيو ويندو. سنڌ وڻڪاري فورم پاران اعلانيل وڻن جي پوکائي، ٻيلن جي بحالي ۽ سنڌ کي زراعت لاءِ پاڻي مهيا ڪري ڏيڻ جي سلسلي ۾ هلندڙ مهم جي ڀرپور حمايت ڪندي ڪارڪنن کي وڻن پوکڻ ۽ آگسٽ ۾ قومي ڏهاڙو ملهائڻ جون هدايتون ڪيون ويون. تنظيم جي سلسلي ۾ 3 آگسٽ 2019ع تي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪائونسل جو اجلاس ترقي پسند هائوس حيدرآباد تي گھرايو ويو آهي.

وڌيڪ پڙھو

سنڌ جي بجيٽ پيش، پگهار ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ

سنڌ جي بجيٽ پيش، پگهار ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي 1714 ارب …