ميھڙ ڪولاچي اسٽاپ ويجھو ڳوٺ گل محمد مگسي ۾ پرائمري جي بلڊنگ نہ ھجڻ سبب ٻار کليل آسمان ھيٺان تعليم پرائڻ تي مجبور- ڳوٺاڻن پاران احتجاج جو چتاءُ

تعلقي ميھڙ لڳ ڪولاچي اسٽاپ ويجھو ڳوٺ گل محمد مگسي ۾ پرائمري اسڪول جي بلڊنگ نہ ھجڻ سبب شاگرد وڻن جي ھيٺيان تعليم حاصل ڪڻ تي مجبور آھن. سرڪاري اسڪول جي عمارت جي لاءِ ڳوٺاڻن ڪيترائي دفعا دانھو ڪوڪون ڪيو آھن پر بالا آفيسرن توڙي چونڊيل نمائيندن طرفان ڪابہ موٽ ناھي ملي . قومپرست اڳواڻ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ خيرمحمد مگسي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ٽہ ڳوٺاڻن جي منٿن باوجود ڳوٺ اسڪول جي عمارت ناھي ملي ڳوٺ جا ٻار کليل آسمان ھيٺ تعليم پرائي رھيا آھن ھن مطالبو ڪندي چيو تہ فوري طور اسڪول کي بلڊنگ ڏئي شاگردن کي تڪليف کان بچايو وڃي ھن چيو تہ اسان اسڪول جي سھولتن جي لاءِ وس وارن عملدارن کي اپيل ڪريون تا جيڪڏھن تہ ترت اپاءِ نہ ورتا ويا تہ اسڪول جي شاگردن سان گڏجي سمورا ڳوٺاڻا تعليم کاتي ۽ چونڊيل نمائيندن خلاف سخت احتجاج ڪنداسين

وڌيڪ پڙھو

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل معصوم جنيد بکراڻي بازياب

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ڪيل معصوم جنيد بکراڻي بازياب

تنگواڻي مان 41 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل معصوم جنيد بکراڻي کي ايس ايس پي …