ميزان بينڪ سڪرنڊ برطانيہ ۾ تعليم جي اپلائي ڪندڙ نياڻي جا 12 لک گم ڪري ڇڏيا-نياڻي فرحين اسد جي تعليم متاثر-برطانيہ حڪومت نياڻي مٿا پابندي لڳائي ڇڏي-بئينڪ عملي خلاف احتجاج

فرحين اسد جي حمايت ۽بئينڪ عملي خلاف ايس ٽي پي اڳواڻ عبدالقادر جيلاني ايس يو پي اڳواڻ زين شاھ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو

برطانيا ۾ تعليم لاء ويزا جي درخواست سان جمع ڪرايل رقم ٻارھن لک ميزان بينڪ سڪرنڊ برانچ جي عملي پاران ھضم ڪري کاتيدار فرحين اسد ميمڻ کي ڪوڙي بينڪ اسٽيٽمنٽ جاري ڪئي وئي جيڪا برطانيا جي سفارتڪار خاني پاران تصديق ڪرائڻ تي جعلي ثابت ٿيڻ تان ويزا جي لاءِ درخواست گذار فرحين ميمڻ کي سزا طور ڏھن سالن سان برطانيا ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي وڌي وئي 
فرحين ميمڻ سان ٿيل اھڙي بيواجبي جي خلاف ميمڻ برادري سڪرنڊ جي شھرين سياسي سماجي ڌرين ۽ مختلف پارٽين ميزان بينڪ جي سامھون احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويو احتجاج ۾ ڌرڻي کي فرحين اسد ميمڻ ايس ٽي پي ضلع نوابشاھ جي جوائينٽ سيڪريٽري عبدالقادر جيلاني ايس يو پي جي اڳواڻ سيد زين شاھ پريس ڪلب سڪرنڊ جي جنرل سيڪريٽري قاضي جاويد سنائي ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي وائيس چئيرمين نوراحمد لاکو ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن خطاب ڪيو

وڌيڪ پڙھو

لاھور واقعي بعد مذھبي جماعتن جي سڏ تي ملڪ جي مختلف شھرن ۾ ھڙتال

لاھور واقعي بعد مذھبي جماعتن جي سڏ تي ملڪ جي مختلف شھرن ۾ ھڙتال

 لاهور واقعي بعد مذهبي جماعت جي سڏ تي ملڪ جَي مختلف شهرن ۾ شٽر بند …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *