ميرپور ماٿيلو نمرتا جي تڏي تي وي سي پاران صحافي کي چماٽ واري معاملي تي ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل

صحافي رميش ڪمار وڪيلن پئنل ڊسٽرڪٽ بار گهوٽڪي جي صدر وڪيل وزير احمد گهوٽو ۽ ٻين معرفت ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر انيلا عطاءُالرحمان خلاف پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي.

ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جو اڳواڻ ڄام عبدالفتاح سميجو به صحافي ۽ وڪيلن سان گڏ هو.

عدالت درخواست تي سي ايم سي وي سي ڊاڪٽر انيلا، رجسٽرار پروفيسر شاهده سميت ڌرين کي 28 سيپٽمبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

واضح رهي ته آصفه ڊينٽل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا چنداڻي جي تڏي تي تعزيت لاءِ آيل چانڊڪا ميڊيڪل جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر انيلا عطاءُالرحمان صحافي رميش ڪمار کي چماٽ وهائي ڪڍي هئي ۽ ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون هيون.

وڌيڪ پڙھو

نمرتا جي پوئينرن سان ڊاڪٽر قادر مگسي جي تعزيت ۽پريس ڪانفرنس کي خطاب

نمرتا جي پوئينرن سان ڊاڪٽر قادر مگسي جي تعزيت ۽پريس ڪانفرنس کي خطاب

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽرقادر مگسي ميرپورماٿيلو پهچي نمرتا جي پوئينرن سان تعزيت …