ميرپورساڪرو جي لاوارث يونين ڪائونسل” سمڪي”.پيرل پياسي

پيرل پياسي غلامﷲ مان لکي ٿو

يوسي سمڪي تعلقي ميرپور ساڪرو جي اهم يوسي آهي جنهن جي آبادي 30هزار جي لڳ ڀڳ آھي
يوسي سمڪي ۾ پيل تازين برساتن وڏي تباهي مچائي آھي پر ضلعي انتظاميا يوسي سمڪي لاء ڪنهن به فنڊ جو اعلان نه ڪيو آھي
يوسي سمڪي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ آيل آھن جن مان پاڻي نيڪال ٿي نه سگهيو آھي
پيل تازين برساتن وڏي تباه ڪاري مچائي آھي
ڪيترائي ماڻھو پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي ڏورانهين علائقن ڏانهن هليا ويا آھن
يوسي سمڪي ۾ نانگ جي ڪکڻ سبب ٻه ماڻھو فوت ٿيا آھن
علائقي ۾ مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آھي ڪيترائي ماڻھو مختلف بيمارين منهن ڪڍيو آھي
يوسي ۾ برسات متاثرين بي يارو مددگار ويٺل آھن سندن اجها ڊھي پٽ ٿي ويا آھن کاڌخوراڪ جي پڻ کوٽ ٿي وئي آھي
هن تڪ جو ايم پي اي ڄام گهورام ضلعي چيئرمين غلام قادر پليجو منظر تان گم آھي جن يوسي سمڪي جي عوام جي ڪابه سار نه لڌي آھي صرف پنهنجي نوازي ڪئي وئي آھي هنن ڪڏهن به يوسي سمڪي جي عوام وٽ اچڻ جي زحمت نه ڪئي آھي
يوسي ۾ ڪيترائي غريب خاندان کلي آسمان هيٺ ويٺل آھن سندن ڳوٺن ۾ برسات جو پاڻي بيٺل آھي جن کي ڪوبه ٽينٽ راشن وغيره نه ڏنو ويو آھي
ضلعي انتظاميا يوسي سمڪي کي مڪمل نظر انداز ڪري ڇڏيو آھي
انهي سلسلي ۾ يوسي سمڪي جي چيئرمين حاجي اعظم بلوچ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آھي ته اسان يوسي سمڪي جي برسات متاثرين جي پنهنجي وس آھر خدمت ڪري رهيا آھيون باقي ضلعي انتظاميا پاران اسان کي ڪجھ به نه مليو آھي هن چيو آھي ته ڊي سي ٺٽو ضلعي چيئرمين غلام قادر پليجو ايم پي اي ڄام گهورام اويس کي بار بار آگاه ڪيو آھي پر يوسي سمڪي لاء ڪوبه فنڊ وغيره نه ڏنو ويو آھي
هتان جي عوام سياسي سماجي ڌرين سخت احتجاج ڪندي وزيراعلا سنڌ کان مطالبو ڪيو آھي ته فورن نوٽيس وٺي يوسي سمڪي جي عوام جي سار لڌي وڃي انهن کي رليف ڏنو وڃي جيئن هنن جي زندگي معمول طرف اچي

وڌيڪ پڙھو

پايوا نيو گني جو صدر اقوام متحدہ جي اجلاس ۾ قومي لباس ۾ شريڪ ٿيو

(نيويارڪ)هن تصوير ۾ نظرايندڙ همراه ڪو جهنگلي آفريڪي لاڏائو ماڻهو نه پر پاپوا نيو گني …