
تازو پيل برساتن سبب ٺٽي ضلعي جي ساحلي پٽي سخت متاثر ٿي آھي ساحلي پٽي جا ڪيترائي ڳوٺ اڃان تائين پاڻي ھيٺ آھن پر انتظاميہ اڃان تائين ننڊ ۾ ستل آھي،گذريل ڏينھن يونين ڪائونسل ميرپورساڪرو جي يونين ڪائونسل گھگي جي مالھيو ڳوٺ ۾ ھڪ جنازو ٿي پيو ڳوٺ جي پاڻي ھيٺ ھئڻ ڪري ڳوٺاڻن ڪلھي تي جنازي کي پاڻي مان کڻي قبرستان پھچايو