ميرپورخاص سول اسپتال انتظاميا پاران لاش کڻي وڃڻ لاءِ ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار تي مڙهه موٽرسائيڪل تي کڻي ويندڙ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.
مليل ڄاڻ موجب سول اسپتال انتظاميا ايمبولينس ۾ تيل وجهرائڻ ۽ ڀاڙي لاءِ 2 هزار رپيا طلب ڪيا جيڪي نه هئڻ تي ايمبولينس ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ايمبولينس نه ملڻ تي ٻارڙي جو والد ۽ چاچو موٽرسائيڪل تي مڙهه کڻي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ حادثو پيش آيو جنهن سبب ٻارڙي جي والد ڪيول ۽ چاچي رميش جي ساهه جو سڳو ٽٽي پيو.
حادثي کانپوءِ ايمبولينس واقعي واري هنڌ پهچي وئي ٽنهي فوتين جا مڙهه کڻائي اسپتال منتقل ڪيا ويا ۽ ٻئي طرف پوليس ڪارروائي ڪندي موٽرسائيڪل کي ٽڪر هڻندڙ شهزور گاڏي کي تحويل ۾ ورتو ۽ ڊرائيور کي پڻ گرفتار ڪيو ويو.
