ميرپوربٺورو-ايس ٽي پي ضلع صدر سيد جلال شاھ جي ڀاءُ تي قاتلاڻو حملو-سيد افسرشاھ سميت ھڪ پوليس اھلڪار زخمي

ميرپوربٺورو سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ضلع ٺٽي جي صدر سيد جلال شاھ جي ڀاءُ سيد افسر شاھ عرف جوجي ڪورٽ مان حاضري کان واپس گهر موٽي رھيو ھو تہ ميرپور بٺورو روڊ تي نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ سيد افسر شاھ عرف جوجي شاھ سميت ھڪ پوليس اھلڪار سخت زخمي ٿي پيو آھي.زخمين کي سجاول اسپتال ۾ آندو ويو جتان کيس حيدرآباد سول اسپتال رفر ڪيو ويو آھي واقعي جي سببب علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال ٿي وئي آھي. علائقي ۾ سخت خوف ڏھڪاءُ وارو ماحول آھي

ٻي طرف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽرقادرمگسي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي فوري طور جوبدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آھي

وڌيڪ پڙھو

سنڌ جي بجيٽ پيش، پگهار ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ

سنڌ جي بجيٽ پيش، پگهار ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي 1714 ارب …