
موري ڀرسان يوسي گچيرو جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول عبدالحميد پنجابي ۾ پھرين ڪلاس جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب تعليم پرائيندڙ پنج شاگرد زخمي ٿي پيا، زخمين کي مورو اسپتال آندو ويو، زخمين ۾ گلزار زرداري، مختيار زرداري، شھباز زرداري ۽ ٻيا شامل، جن کي ڊاڪٽرز پاران طبي امداد ڏني وئي. هڪ شاگرد مختيار زرداري کي نوابشاهه منتقل ڪيو ويو، اسڪول جي استاد واحد بخش زرداري ٻڌايو ته اسان جي اسڪول جي حالت ڪافي وقت کان زبون بڻيل آھي، ٻه مھينا اڳ به ڪلاس جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا هئا، واقعي ۾ شاگرد، استاد ۽ ھک پٽيوالو زخمي ٿيو ھو، اعليٰ توڙي مقامي آفيسرن کي شڪايتون ڏنيون ھيون پر ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو جنھن جي ڪري اڄ وري ٻيو ڀيرو اسڪول جي ڪلاس جي ڇت جا چاپڙ ڪريا آھن. زخمي شاگردن جي والدين رستم زرداري، حاجي زرداري ۽ ٻين ٻڌايو ته ھي ڪھڙي تعليمي ايمرجنسي آھي جو اسڪول ۾ نه سهولتون آهن نه ئي وري اسڪولن جي مرمت ڪرائي پئي وڃي.