
ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي بنگلاديش اچڻ تي شروع ٿيندڙ مظاهرن جي ٻئي ڏينهن به وڌيڪ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 12 زخمي ٿي پيا.
عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب بنگلاديش ۾ جمعي جي ڏينهن ڀارتي وزيراعظم جي اچڻ تي شروع ٿيندڙ ملڪ گير احتجاج اڃان تائين جاري آهي. ٻئي ڏينهن به مبينه پوليس فائرنگ سبب وڌيڪ 5 مظاهرين مارجي ويا. ٻن ڏينهن ۾ پوليس فائرنگ ۾ مارجي ويلن جو انگ 9 ٿي ويو آهي.