منھنجي پراڻي آڊيو وائريل ڪري منھنجي خلاف سازش ڪئي وئي آھي.سنڌو نواز سوشل ميڊيا تي قومپرستن تي تنقيد جي آڊيو وائريل بعد فيسبوڪ تي بحث جاري

سوشل ميڊيا تي سنڌو نواز جي قومپرستن تي تنقيد جي وڊيو وائريل ٿي آھي جنھن ۾ ھن قومپرستن تي سخت تنقيد جو نشانو بنايو آھي جنھن کان پوءِ فيس بوڪ تي سنڌو نواز گھانگرو پنھنجي فيسبوڪ اڪائونٽ تان پوسٽ ڪئي آھي جنھن ۾ لکيو اٿس تہ

منهنجي پراڻي رڪارڊنگ ان وقت ليڪ ڪئي وئي آھي جڏھن مان سياست کي سمجهي سياسي جماعتن کان ويندي سياسي ڪارڪنن سان گڏ ڪم ڪرڻ لڳي آھيان.

مارچ کي ناڪام ڪرڻ ۽ ان سان گڏ مسلسل ۽ مختلف طريقن سان ڌمڪيون ملي رھيون آهن,
منھنجي فلم ميڪنگ ۾ گريجوئيشن ٿيل آھي پر مان ان کان پوء جڏھن سورٺ ۽ سسئي لوھار تي ڪراچي ۾ ٿيل تشدد ڏٺم ته ھڪ عورت ھجڻ جي ڪري مان فيصلو ڪيو ته سسئي ۽ سورٺ تي ٿيل تشدد تي حيدرآباد ۾ بک ھڙتال ڪجي,
جنهن کان پوء مان ادا سھيل ڀٽو سان رابطو ڪيم ۽ 3 ڏينهن لاء حيدرآباد پريس ڪلب ٻاھران بک ھڙتال تي ويٺاسين.
۽ مان ان ڏينهن اھو فيصلو ڪيو ته مان سياست ڪندس ته جيئن پنهنجي وطن ۽ قوم لاء ڪجهه ڪري سگھان,

پر اڄ رڪاوٺون سازشون ۽ ڌمڪين جي بعد مونکي ائين لڳو ته شايد مان فلم ميڪنگ ۾ وڃي پنهنجي زندگي گذاريان ھان.
سڀاڻ 2 بجي مان پريس ڪانفرنس جي ذريعي پنهنجي سياسي مستقبل ۽ مارچ ڪينسل ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت اھم پريس ڪانفرنس ڪندس.

وڌيڪ پڙھو

عمران خان وٽ  ھاڻي ڪو اخلاقي جواز ناھي تہ ھو وڌيڪ وقت اقتدار ۾ رھي -ڊاڪٽرقادرمگسي

عمران خان وٽ ھاڻي ڪو اخلاقي جواز ناھي تہ ھو وڌيڪ وقت اقتدار ۾ رھي -ڊاڪٽرقادرمگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽرقادرمگسي  چيو  آھي تہ اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل …