ملڪ ۾ هر ڀيري کنڊ جي بحران سبب کنڊ جي اگهن ۾ واڌ ڏٺي وئي آهي

ملڪ ۾ هر ڀيري کنڊ جي بحران سبب کنڊ جي اگهن ۾ واڌ ڏٺي وئي آهي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ هر ڀيري کنڊ جي بحران سبب کنڊ جي اگهن ۾ واڌ ڏٺي وئي آهي، اهڙو بحران ڪو حقيقت ۾ نه پر مختلف شگر ملز ڪمپنين طرفان هٿرادو طور پيدا ڪيو ويندو آهي.

ان حوالي سان مسابقتي ڪميشن آف پاڪستان (سي سي پي) طرفان شگر ملز ايسوسيئيشن تي 44 ارب رپين جو ڏنڊ وڌو ويو ڪيو آهي.

پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سي سي پي شگر ملن تي مسابقتي ايڪٽ جي ڀڃڪڙين تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ۽ ايسوسيئيشن کي اهو ڏنڊ 2 مهينن ۾ ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

اهو وڌيڪ چيو ويو آهي ته سي سي پي شگر ملز خلاف جاچ ڪئي، شگر ملز کي ملي ڀڳت ڪري کنڊ جا اگهه مقرر ڪرڻ تي ڏنڊ وڌو ويو آهي.

شگر ملز ملي ڀڳت ذريعي يوٽيلٽي اسٽورن جي ڪوٽا حاصل ڪرڻ ۽ ملي ڀڳت ڪري کنڊ گهرائڻ تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.

مسابقتي ڪميشن جي پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مسابقتي ڪميشن جي ٻن ميمبرن فيصلي جي حوالي سان اخلافي نوٽ ڏنو جڏهن ته چيئرپرسن سميت ٻن ميمبر فيصلي جي حق ۾ ووٽ ڏنا.

ووٽ هڪ جيترا ٿيڻ جي ڪري چيئرپرسن ٻيو ڀيرو پنهنجو ووٽ فيصلي جي حق ۾ ڏنو.

سي سي پي پهريون ڀيرو سڀ کان وڌيڪ 44 ارب رپين کان مٿي جو ڏنڊ وڌو آهي.

وڌيڪ پڙھو

طالبان پاران انتقام نه وٺڻ جو اعلان- طالبان ترجمان جي پهرين پريس ڪانفرنس

طالبان پاران انتقام نه وٺڻ جو اعلان- طالبان ترجمان جي پهرين پريس ڪانفرنس

ڪابل: طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پهرين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اسان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *