ملڪ مٿان مھانگائي جا بم ڪيرائيندڙ حڪمران عوام دشمن آهن – ڊاڪٽر قادر مگسي

ملڪ مٿان مھانگائي جا بم ڪيرائيندڙ حڪمران عوام دشمن آهن – ڊاڪٽر قادر مگسي

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته
ملڪ جي حڪمرانن جي غلط معاشي پاليسين، ڪرپشن ۽ لُٽ مار سبب ملڪ هن وقت معاشي ۽ سياسي بحرانن ۾ آهي.
ملڪ جي مھانگائي سبب غريب مسڪين ۽ وچولي طبقي جو ماڻهو سخت پريشان آهي زندگي جون ٻيون سهولتون پري پر هاڻي هن کي جئيڻ جي لاءِ ماني جو ڳڀو به ملڻ مشڪل بڻجي ويو آهي.
حڪومت ملڪ جي اندر مھانگائي جي طوفان آڻي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. عوام جو معاشي قتل عام ڪيو ويو آهي.
ملڪ کي آئي ايم ايف وٽ گروي رکيو ويو آهي ۽ آئي ايم ايف جي مرضي سان عوام مٿان مھانگائي جو جبل ڪيرايو ويو آهي
تيل، بجلي ۽ روزہ مره جي استعمال جي شين جي اگهن ۾ واڌ سان هيٺيون طبقو سخت متاثر ٿي ويو آهي.
حڪمران پنهنجا خرچ گهٽائڻ جي بدران پنهنجون ٽجوڙيون ڀري رهيا آهن ۽ سندن ڪيل ڪرپشن ۽ لُٽ مار سان پيدا ٿيل کوٽ کي عوام جو رت چوسي ختم ڪرڻ چاهين ٿا.
حڪمران پنهنجون پرسڪون زندگين ۾ آهن انهن کي عوام جو ڪوبه فڪر اونو ناهي انڪري اهي ان قسم جا عوام دشمن فيصلا ڪري رهيا آهن
هن ملڪ تي جيستائين جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جو راڄ رهندو تيستائين ان قسم جا فيصلا عوام مٿان بمن جيان ڪرندا رهندا.
عوام کي متحد ٿي بنا ڪنهن فرق جي پنهنجي حقن جي لاءِ آواز اٿارڻو پوندو ۽ ڪرپٽ حڪمرانن جو گهيراو ڪرڻو پوندو.
حڪمرانن جي اهڙن عوام دشمن فيصلن خلاف عوام کي روڊن رستن تي اچي احتجاج ڪرڻو پوندو.
سنڌ ترقي پسند پارٽي تيل ۽ بجلي سميت روزمره جا اگهه وڌائڻ وارن فيصلن کي عوام دشمن فيصلا سمجهندي رد ڪري ٿي. ان خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.
ايس ٽي پي جلدي هن مھانگائي ۽ ڪرپشن خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪندي جنهن جي لاءِ پارٽي ادارن جي اندر صلاح مشورا هلندڙ آهن.

وڌيڪ پڙھو

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ايس ٽي پي جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ احتجاجي مظاھرا

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ايس ٽي پي جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ احتجاجي مظاھرا

سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ حيدرآباد، بدين، ٺٽو، …

Leave a Reply

Your email address will not be published.