سياسي ۽ معاشي بحرانن ۾ڦاٿل ملڪ – علي حيدر جوڻيجو

اسان جي بزرگن جن اميدن ۽ آسرن جي بنياد تي پاڪستان جي حمايت ڪئي يا ان جي لاءِ جيڪي قربانيون ڏنيون، يا 1940ع جي قرارداد ذريعي جن ڳالهين جا ساڻن واعد ۽ وچن ڪيا ويا ته نئين ملڪ ۾ شامل سمورن يونٽن ۽ ايڪاين کي مڪمل خودمختياري هوندي، پنهنجن وسيلن جا مالڪ پاڻ ھوندا پر بدقسمتيءَ سان 14 آگسٽ 1947ع کان اڳ ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان پهريان ئي سازشن جي شروعات ٿي چڪي هئي. پهرين ڏينهن کان ئي ملڪ تي مهاجر-پنجابي اسٽيبلشمينٽ، سول بيروڪريسي ۽ عسڪري قووتن جو قبضو ٿي چڪو هو. جنهن ۾ قومن جي سياسي، ثقافتي ۽ هزارن سالن جي تاريخ کان انڪار ڪندي مظبوط وفاق، وحدانيت مسلم ڀائيچاري ۽ اسلام جي نالي تي قومن جي حقن ۽ وسيلن تي ڏاڍ ذريعي قبضا ڪرڻ شروع ڪيا ويا. ملڪ ۾ شامل قومن جي قومي تشخص، سڃاڻپ، ثقافت ۽ ٻولي کي ميسارڻ لاءِ مٿن زبردستي اردو ٻولي مڙھي وئي جنهن جي نتيجي ۾ قائداعظم جي پاڪستان جو ٻن ٽڪرن ۾ ورهائجي ويو. ان کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين ملڪ مسلسل سازشن ۽ بحرانن جي ور چڙھيل آھي. سمنڊ، درياءَ، معدنيات ۽ جهجهي تعداد ۾ سڀني وسيلن جي هجڻ جي باوجود به ملڪ ۾ بيروزگاري، غربت ۽ مهانگائي گهٽجڻ بجاءِ تيزيء سان وڌي رهي آھي جنهن سان ملڪ جو پورهيت طبقو سخت متاثر ٿي رهيو آھي. حڪمرانن جي آشيرواد سان نفي خور واپاري طبقو پنهنجن مخصوص ذاتي ۽ گروهي مفادن جي خاطر عام استعال جي شين جي ذخيره اندوزي ڪري مختلف وقتن تي ملڪ ۾ هٿرادو بحران پيدا ڪندو رهندو آھي. مفاد پرست طبقي جي ان لوڀ ۽ لالچ جي ڪري ملڪ ۾ ڪڏھن گئس ۽ پيٽرول جو بحران هوندو آھي ته ڪڏھن وري اٽي ۽ کنڊ جي هٿردو بحرانن ذريعي اربين روپيا ڪمايا ويندا آھن. جيئن هن وقت ملڪ جي وزيراعظم جي ساڄي کاٻي رهندڙ انتهائي ويجهن ۽ اعتماد وارن ماڻھن پاران ملڪ ۾ اٽي ۽ کنڊ جو هٿرادو بحران پيدا ڪرايو ويو آھي.
جيتوڻيڪ وزيراعظم کنڊ ۽ ڪڻڪ جي بحران جي جاچ پڙتال لاء حڪم ڏنو هو جنهن جي رپورٽ به اچي چڪي آھي. ان رپورٽ جي بنياد تي شروعاتي قدم به کنيا ويا آھن. اسان وٽ اها ڳاله اهميت رکي ٿي ته پاڪستان ۾ شگر ملز سان گڏ ٻيا ڪاروبار وزيراعظم جو ويجهو ساٿي جهانگير خان ترين سنڀاليندو آهي ۽ هن هفتي کان وٺي جيڪا به انهن جي قيمتن ۾ اضافو آيو آهي سو ساڳيو انهن ماڻهن تي ئي شڪ آهي. جيئن ته اسان وٽ اڳ ۾ کنڊ جي قيمت 72 رپين کان وٺي 80 رپئي تائين پوري سنڌ ۾ هن جو ريٽ هو ۽ هن هفتي جي بحران (جنهن ۾ پاڪستان جي مارڪيٽ ۾ کنڊ ڪونهي آئي) ان ۾ کنڊ جي قيمت 85 رپيا ٿي وئي آهي اسان جي ملڪ جا سڀئي وزيراعظم جا مخالف پارٽيز ان جي مخالفت ڪن ٿا ۽ جهانگير خان ترين کي ان جو شڪار بنائن ٿا جيئن ته نواز ليگ جي حڪومت جي آخري وقت ۾ اسان آمريڪا جو ڊالر 111 کان مٿي هو ۽ پيٽرول جي قيمت في ليٽر 72 رپيا هئي ۽ هاڻي اسان جي وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ۾ پيٽرول جي قيمت في ليٽر 99.36 رپيا آهي جڏهن ته هاڻ پيٽرول جي قيمت 115 رپين کي به لڳي هئي ۽ آمريڪا جو ڊالر اسان کان 165 رپين کان مٿي آهي. اسان جي ڪا به شي پوء اهو پيٽرول هجي يا ڪڻڪ يا وري کنڊ هجي يا چانور اسان جي اڪانامي (Economy) ۾ برحق نقصان ڪري ٿي ۽ اهي شيون اسان جي ملڪ کي پوئتي ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿيون ٻئي ڳاله ته اسان وٽ اڳي ئي وبا (ڪورونا) آهي جنهن جي پٺيان اسان جو عوام ڏاڍو پريشان آهي اسان جي ملڪ ۾ لاڪ ڊائون لڳو پيو آهي جنهن جي ڪري غريب عوام پٺ تي پيل طبقو روزگار کان مرحوم آهي. جيڪڏهن وبا اسان جي ملڪ ۾ ڦهلجي وئي ته پاڪستان جهڙو غريب ملڪ ان سان هرگز مقابلو نه ڪري سگهندو. ان لاء اسان جي حڪمرانن کي کپي ته اسان جي اڪانامي(Economy) کي بچائي هن وبا کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. انهيءَ سان گڏ ملڪ ۾ کنڊ ۽ اٽي جو بحران پيدا ڪندڙ ذميوارن خلاف سخت قانوني قدم کڻندي کين سزا ڏئي پاڪستان ۾ صاف، شفاف ۽ اڻ ڌريي احتساب جو شاندار مثال قائم ڪري رياست مدينه واري خواب جي تعبير ڪئي وڃي.

junejoalihyder@gmail.com

وڌيڪ پڙھو

سنڌ ۾ لساني تضاد اڀارڻ جي ڪوشش – حيات تنيو

سنڌ ۾ لساني تضاد اڀارڻ جي ڪوشش – حيات تنيو

 لاڙڪاڻي مان پياري جگديش آهوجا فون ڪري چيو ته 23 جنوري تي سندس گھر سيتا …