ملڪ تي وڌيڪ تجربا نہ ڪيا وڃن. سمورن قومن ۽ ايڪائين کي برابري جي بنياد تي حق ڏنا وڃن-ڊاڪٽر قادرمگسي

ملڪ تي وڌيڪ تجربا نہ ڪيا وڃن. سمورن قومن ۽ ايڪائين کي برابري جي بنياد تي حق ڏنا وڃن-ڊاڪٽر قادرمگسي

حيدرآباد: پريس رليز

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽرقادرمگسي چيو آھي تہ پاڪستان کي ھاڻي وڌيڪ تجربيگاھ نہ بنايو وڃي. پاڪستان اندر سمورين ايڪائين ۽ قومن کي برابري جي بنياد تي حق ڏنا وڃن جيڪڏھن ملڪ تي اڃان وڌيڪ تجربا ڪيا ويا تہ اھو ملڪ جي لاءِ انتھائي خطرناڪ ثابت ٿيندو. اھڙن خيالن جو اظھار ھن ترقي پسند ھائوس تي مختلف وفدن سان ملاقات جي دوران ڪيو . سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ وڌيڪ چيو تہ عمران سرڪار گذريل ٽن سالن اندر ملڪ جي جيڪا تباھي بربادي ڪئي آھي ان کانپوءِ ھنن وٽ ڪو اخلاقي جواز ناھي تہ وڌيڪ وقت اقتدار ۾ رھي. ملڪ جي معيشت تباھ ٿي وئي آھي آئي ايم ايف جي شرطن کي مڃي غريب عوام مٿان ٽيڪس جا بم ڪرائي غربت کي وڌايو ويو آھي ھاڻي ماڻھو ھڪ ڪلو اٽي جي لاءِ پريشان آھن. پر حڪمرانن کي ڪوبہ فڪر ناھي. ھن وڌيڪ چيو عوام جي حقيقي مسئلن تان ڌيان ھٽائڻ لاءِ مختلف شوشا ڇڏيا وڃن ٿا. ملڪ اندر صدارتي نظام جون ڳالھيون ڪيون پيون وڃن. جيڪو ڪنھن بہ صورت ۾ ملڪ جي مفاد وٽان ناھي .پاڪستان ھڪ گھڻ قومي گھڻ ثقافتي ملڪ ۽ منفرد جاگرافيائي شڪل رکندڙ آھي جنھن لاءِ ملڪ کي صرف ۽ صرف حقيقي عوامي جھموريت سان ھلائي سگھجي ٿو. ان لاءِ ملڪ اندر شامل سمورن ايڪائين ۽ قومن جي تاريخي حيثيت کي تسليم ڪري کين برابري جي بنياد تي حق ڏنا وڃن ۽ سمورن ادارن ۾ برابري جي بنيادي تي نمائيندگي ڏني وڃي ان سان ئي ھن ملڪ جي اندر جمھوريت مستحڪم ٿيندي ۽ ملڪ جي اندر پيدا ٿيندڙ مختلف سماجي ، سياسي ، معاشي بحران ختم ٿيندا. باقي جيڪڏھن اڃان بہ وڌيڪ تجربا ڪيا ويا تہ پوءِ اھو ملڪ جي لاءِ سٺو ثابت نہ ٿيندو. ايس ٽي پي سربراہ ڊاڪٽرقادرمگسي وڌيڪ چيو تہ سنڌ کي ھن وقت جي صورتحال ۾ تمام گھڻا خطرا آھن ھڪ طرف ھڪ منظم سازش سان ڌارين آبادڪاري کي ھٿي ڏني وئي آھي بي طرف سنڌ جي زمينن تي مسلسل والار ڪئي پئي وڃي. جنھن ۾ سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جاگيردار وڏيرا سھولتڪار بڻيل آھن، سنڌ جي سمورين مصيبتن جي جڙ سنڌ مٿان مسلط ڪيل جاگيردار وڏيرو آھي جيڪو سنڌ جي اجتماعي مفادن خلاف ھر وقت ڌارين جو مھرو بنجي ڪم ڪري ٿو. ان ڪري سنڌ جي عوام کي ھاڻي ھن ناسور مان جان ڇڏاڻي  پوندي. سنڌ جي قومپرست ھيٺين طبقي ڌرين جو ساٿ ڏيڻو پوندو جنھن سان ئي سنڌ ۾ سک چين امن، خوشحالي ۽ ترقي جو سج اڀري سگھي ٿو.

وڌيڪ پڙھو

روهڙي جي قديمي شمع گل ماتمي جلوس ۾ گرمي ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 6عزادار فوت، ڪيترائي بيهوش

روهڙي جي قديمي شمع گل ماتمي جلوس ۾ گرمي ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 6عزادار فوت، ڪيترائي بيهوش

روهڙي جي قديمي ماتمي جلوس ۾ پيهه ۽ گرمي سبب ٻن سڳن ڀائرن سميت 6 …

Leave a Reply

Your email address will not be published.